caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الزلزلة الزلزلة

٨ آيتون · مدني · نزول جي ترتيب ٩٣

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ إِذَا زُلْزِلَتِ ٱلْأَرْضُ زِلْزَالَهَا

Taj Mehmood Amrotiجڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَخْرَجَتِ ٱلْأَرْضُ أَثْقَالَهَا

Taj Mehmood Amroti۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالَ ٱلْإِنسَٰنُ مَا لَهَا

Taj Mehmood Amroti۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخْبَارَهَا

Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بِأَنَّ رَبَّكَ أَوْحَىٰ لَهَا

Taj Mehmood Amrotiھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَئِذٍ يَصْدُرُ ٱلنَّاسُ أَشْتَاتًا لِّيُرَوْا۟ أَعْمَٰلَهُمْ

Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَن يَعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَرَهُۥ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَن يَعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُۥ

Taj Mehmood Amroti۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70