caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الجمعة الجمعة

١١ آيتون · مدني · نزول جي ترتيب ١١٠

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ يُسَبِّحُ لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ٱلْمَلِكِ ٱلْقُدُّوسِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَكِيمِ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي (جو) بادشاھ تمام پاڪ (ذات) غالب حڪمت وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هُوَ ٱلَّذِى بَعَثَ فِى ٱلْأُمِّيِّـۧنَ رَسُولًا مِّنْهُمْ يَتْلُوا۟ عَلَيْهِمْ ءَايَٰتِهِۦ وَيُزَكِّيهِمْ وَيُعَلِّمُهُمُ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْحِكْمَةَ وَإِن كَانُوا۟ مِن قَبْلُ لَفِى ضَلَٰلٍ مُّبِينٍ

Taj Mehmood Amroti(الله) اُھو آھي جنھن اڻ پڙھيلن ۾ انھن (جي قوم) مان ھڪ پيغمبر پيدا ڪيو جو وٽن سندس آيتون پڙھندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، ۽ بيشڪ اِھي (ھن کان) اڳ پڌري گمراھي ۾ ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَءَاخَرِينَ مِنْهُمْ لَمَّا يَلْحَقُوا۟ بِهِمْ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ

Taj Mehmood Amroti۽ انھن مان ٻـين لاءِ به جي اڃا انھن (مسلمانن) سان نه مليا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذَٰلِكَ فَضْلُ ٱللَّهِ يُؤْتِيهِ مَن يَشَآءُ وَٱللَّهُ ذُو ٱلْفَضْلِ ٱلْعَظِيمِ

Taj Mehmood Amrotiاِھو الله جو فضل آھي انھن کي ڏيندو آھي جنھن کي وڻندو اٿس، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَثَلُ ٱلَّذِينَ حُمِّلُوا۟ ٱلتَّوْرَىٰةَ ثُمَّ لَمْ يَحْمِلُوهَا كَمَثَلِ ٱلْحِمَارِ يَحْمِلُ أَسْفَارًۢا بِئْسَ مَثَلُ ٱلْقَوْمِ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiجن (ماڻھن) کي توريت کڻايو ويو پوءِ اُھو نه کنيائون تن جو مثال (انھيءَ) گڏھ جي مثال وانگر آھي جو (گھڻا) ڪتاب کڻي، جن الله جي آيتن کي ڪوڙ ٿي ڀانيو تنھن قوم جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله ظالم ماڻھن کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ هَادُوٓا۟ إِن زَعَمْتُمْ أَنَّكُمْ أَوْلِيَآءُ لِلَّهِ مِن دُونِ ٱلنَّاسِ فَتَمَنَّوُا۟ ٱلْمَوْتَ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) چؤ ته اي يھوديو جيڪڏھن ڀائيندا آھيو ته ٻـين (سڀني) ماڻھن کانسواءِ رڳو اوھين الله جا دوست آھيو ته جيڪڏھن (انھي ڳالھ ۾) سچا آھيو ته موت گھرو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا يَتَمَنَّوْنَهُۥٓ أَبَدًۢا بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ وَٱللَّهُ عَلِيمٌۢ بِٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي سندن ھٿن اڳي موڪليو آھي تنھنجي ڪري اُھو ڪڏھن نه گھرندا، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ إِنَّ ٱلْمَوْتَ ٱلَّذِى تَفِرُّونَ مِنْهُ فَإِنَّهُۥ مُلَٰقِيكُمْ ثُمَّ تُرَدُّونَ إِلَىٰ عَٰلِمِ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اُھو موت جنھن کان ڀڄندا آھيو سو ته ضرور اوھان کي پھچڻ وارو آھي وري (اوھين) ڳجھ ڄاڻندڙ ڏانھن موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي (اوھين دُنيا ۾) ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا نُودِىَ لِلصَّلَوٰةِ مِن يَوْمِ ٱلْجُمُعَةِ فَٱسْعَوْا۟ إِلَىٰ ذِكْرِ ٱللَّهِ وَذَرُوا۟ ٱلْبَيْعَ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiاي ايمان وارؤ جڏھن جُمعي جي ڏينھن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي تڏھن الله جي ياد ڪرڻ ڏانھن ڊُڙو ۽ واپار ڇڏيو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِذَا قُضِيَتِ ٱلصَّلَوٰةُ فَٱنتَشِرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ وَٱبْتَغُوا۟ مِن فَضْلِ ٱللَّهِ وَٱذْكُرُوا۟ ٱللَّهَ كَثِيرًا لَّعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن نماز پوري ڪئي وڃي ته زمين تي کنڊري وڃو ۽ الله جي فضل جي طلب ڪريو ۽ الله کي گھڻو ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇٽو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا رَأَوْا۟ تِجَٰرَةً أَوْ لَهْوًا ٱنفَضُّوٓا۟ إِلَيْهَا وَتَرَكُوكَ قَآئِمًا قُلْ مَا عِندَ ٱللَّهِ خَيْرٌ مِّنَ ٱللَّهْوِ وَمِنَ ٱلتِّجَٰرَةِ وَٱللَّهُ خَيْرُ ٱلرَّٰزِقِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ (اُھي مسلمان) جڏھن ڪو سودو (ھلندو) يا ڪو تماشو ڏسن ٿا (ته) اُن ڏانھن کنڊري وڃن ٿا ۽ توکي (خطبي ۾) بيٺل ڇڏين ٿا، (انھن کي) چؤ ته جيڪي الله وٽ آھي سو تماشي ۽ واپار کان (وڌيڪ) ڀَلو آھي، ۽ الله (سڀني) روزي ڏيندڙن کان ڀَلو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70