caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الصف الصف

١٤ آيتون · مدني · نزول جي ترتيب ١٠٩

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ سَبَّحَ لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لِمَ تَقُولُونَ مَا لَا تَفْعَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiاي ايمان وارؤ جيڪي نه ڪندا آھيو سو ڇو چوندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَبُرَ مَقْتًا عِندَ ٱللَّهِ أَن تَقُولُوا۟ مَا لَا تَفْعَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiالله وٽ اھا (ڳالھ) ڏاڍي ناپسند آھي جو اُھا (ڳالھ) چئو جا نٿا ڪريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱللَّهَ يُحِبُّ ٱلَّذِينَ يُقَٰتِلُونَ فِى سَبِيلِهِۦ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنْيَٰنٌ مَّرْصُوصٌ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ الله انھن کي دوست رکندو آھي جي سندس واٽ ۾ (اھڙي) صف ٻڌي وڙھندا آھن (جو) ڄڻڪ اُھي ھڪڙي سِيھي پلٽيل ڀِت آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِۦ يَٰقَوْمِ لِمَ تُؤْذُونَنِى وَقَد تَّعْلَمُونَ أَنِّى رَسُولُ ٱللَّهِ إِلَيْكُمْ فَلَمَّا زَاغُوٓا۟ أَزَاغَ ٱللَّهُ قُلُوبَهُمْ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْفَٰسِقِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ (ياد ڪر) جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم مون کي ڇو ايذائيندا آھيو ۽ حالانڪ (اوھين) ڄاڻندا آھيو ته آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪيل آھيان، پوءِ جنھن مھل ڏنگائي ڪيائون ته الله سندن دلين کي ڏنگو ڪيو، ۽ الله بدڪار قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ قَالَ عِيسَى ٱبْنُ مَرْيَمَ يَٰبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ إِنِّى رَسُولُ ٱللَّهِ إِلَيْكُم مُّصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَىَّ مِنَ ٱلتَّوْرَىٰةِ وَمُبَشِّرًۢا بِرَسُولٍ يَأْتِى مِنۢ بَعْدِى ٱسْمُهُۥٓ أَحْمَدُ فَلَمَّا جَآءَهُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ قَالُوا۟ هَٰذَا سِحْرٌ مُّبِينٌ

Taj Mehmood Amroti۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن عيسىٰ پُٽ مريم جي چيو ته اي بني اسرائيلو بيشڪ آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪليل آھيان جيڪو توريت منھنجي اڳيان آھي تنھنجو سچو ڪندڙ آھيان ۽ ھڪ اھڙي پيغمبر جي خوشخبري ڏيندڙ آھيان جو مُون کانپوءِ ايندو جنھن جو نالو احمد ھوندو، پوءِ جنھن مھل اُھو چِٽن مُعجزن سان وٽن آيو چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ وَهُوَ يُدْعَىٰٓ إِلَى ٱلْإِسْلَٰمِ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻَڌو حالانڪ ان کي اِسلام ڏانھن سڏيو ويندو آھي، ۽ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يُرِيدُونَ لِيُطْفِـُٔوا۟ نُورَ ٱللَّهِ بِأَفْوَٰهِهِمْ وَٱللَّهُ مُتِمُّ نُورِهِۦ وَلَوْ كَرِهَ ٱلْكَٰفِرُونَ

Taj Mehmood Amroti(اُھي ڪافر) گھرندا آھن ته الله جي نُور کي پنھنجي واتن سان وِسائين، حالانڪ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ وارو آھي توڻيڪ ڪافر مٺيان ڀانئين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هُوَ ٱلَّذِىٓ أَرْسَلَ رَسُولَهُۥ بِٱلْهُدَىٰ وَدِينِ ٱلْحَقِّ لِيُظْهِرَهُۥ عَلَى ٱلدِّينِ كُلِّهِۦ وَلَوْ كَرِهَ ٱلْمُشْرِكُونَ

Taj Mehmood Amroti(الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڻيڪ مشرڪ بڇان ڀانئين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَىٰ تِجَٰرَةٍ تُنجِيكُم مِّنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiاي ايمان وارؤ اوھان کي انھيءَ سوداگريءَ جو ڏس نه ڏيان ڇا جو اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچائي؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَتُجَٰهِدُونَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ بِأَمْوَٰلِكُمْ وَأَنفُسِكُمْ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti(ته) الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ لڙائي ڪريو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوبَكُمْ وَيُدْخِلْكُمْ جَنَّٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ وَمَسَٰكِنَ طَيِّبَةً فِى جَنَّٰتِ عَدْنٍ ذَٰلِكَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ

Taj Mehmood Amrotiاوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ۽ سُٺين جاين ھميشه (رھڻ) وارن بھشتن ۾، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأُخْرَىٰ تُحِبُّونَهَا نَصْرٌ مِّنَ ٱللَّهِ وَفَتْحٌ قَرِيبٌ وَبَشِّرِ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ ٻي (نعمت به ڏيندو) جنھن کي دوست رکندا آھيو، الله جي طرف کان مدد ۽ فتح ويجھي، ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ كُونُوٓا۟ أَنصَارَ ٱللَّهِ كَمَا قَالَ عِيسَى ٱبْنُ مَرْيَمَ لِلْحَوَارِيِّـۧنَ مَنْ أَنصَارِىٓ إِلَى ٱللَّهِ قَالَ ٱلْحَوَارِيُّونَ نَحْنُ أَنصَارُ ٱللَّهِ فَـَٔامَنَت طَّآئِفَةٌ مِّنۢ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ وَكَفَرَت طَّآئِفَةٌ فَأَيَّدْنَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ عَلَىٰ عَدُوِّهِمْ فَأَصْبَحُوا۟ ظَٰهِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiاي ايمان وارؤ الله جي دين جا مددگار ھجو جھري طرح عيسىٰ پٽ مريم جي پنھنجي خاص يارن کي چيو ته الله جي دين ۾ منھنجا مددگار ڪير آھن؟ انھن خاص يارن چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آھيون پوءِ بني اسرائيلن مان ھڪ ٽولي ايمان آندو ۽ ٻئي ٽوليءَ انڪار ڪيو، پوءِ ايمان وارن کي سندن دشمنن تي غلبو ڏنوسون پوءِ غالب ٿيا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70