مُک صفحو › سورتون › سورة العنكبوت
سورة العنكبوت العنكبوت
٦٩ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٨٥
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ الٓمٓ
Taj Mehmood Amroti الٓمّٓ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَحَسِبَ ٱلنَّاسُ أَن يُتْرَكُوٓا۟ أَن يَقُولُوٓا۟ ءَامَنَّا وَهُمْ لَا يُفْتَنُونَ
Taj Mehmood Amroti ماڻھن ڀانيو آھي ڇا ته سندن (رڳو ايتري) چوڻ تي ته ايمان آندوسون اُھي ڇڏي ڏبا ۽ اُھي نه آزمائبا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ فَتَنَّا ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَلَيَعْلَمَنَّ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ صَدَقُوا۟ وَلَيَعْلَمَنَّ ٱلْكَٰذِبِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪي کانئن اڳ ھوا تن کي بيشڪ پرکيوسون پوءِ جيڪي سچا آھن تن کي الله ضرور ڌار ڪندو ۽ ڪُوڙن کي (به) ضرور ڌار ڪندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ حَسِبَ ٱلَّذِينَ يَعْمَلُونَ ٱلسَّيِّـَٔاتِ أَن يَسْبِقُونَا سَآءَ مَا يَحْكُمُونَ
Taj Mehmood Amroti جيڪي بڇڙايون ڪن ٿا تن ڀانيو آھي ڇا ته اسان کون اڳتي نڪري ويندا؟ جيڪو نبيرو ڪن ٿا سو بڇڙو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَن كَانَ يَرْجُوا۟ لِقَآءَ ٱللَّهِ فَإِنَّ أَجَلَ ٱللَّهِ لَـَٔاتٍ وَهُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ
Taj Mehmood Amroti جيڪو الله جي ملڻ جي اميد رکندو آھي (سو سمجھي) ته بيشڪ الله جي ٺھرايل مُدت ضرور اچڻي آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَن جَٰهَدَ فَإِنَّمَا يُجَٰهِدُ لِنَفْسِهِۦٓ إِنَّ ٱللَّهَ لَغَنِىٌّ عَنِ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪو (الله جي دين لاءِ) ڪوشش ڪري سو رڳو پنھنجي لاءِ ئي ڪوشش ڪري ٿو، ڇوته الله جھانن کان بي پرواھ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنْهُمْ سَيِّـَٔاتِهِمْ وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ أَحْسَنَ ٱلَّذِى كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کان سندن مدايون ضرور ميٽيندا سون ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھن جو کين ڏاڍو چڱو بدلو ڏينداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَوَصَّيْنَا ٱلْإِنسَٰنَ بِوَٰلِدَيْهِ حُسْنًا وَإِن جَٰهَدَاكَ لِتُشْرِكَ بِى مَا لَيْسَ لَكَ بِهِۦ عِلْمٌ فَلَا تُطِعْهُمَآ إِلَىَّ مَرْجِعُكُمْ فَأُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ (اي ماڻھو) جيڪڏھن (اُھي) مون سان ڪنھن کي شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن (جي حقيقت) جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته اُنھن جو چيو نه مڃ، اوھان جو مون ڏانھن موٽڻ آھي تنھنڪري جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَنُدْخِلَنَّهُمْ فِى ٱلصَّٰلِحِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي صالحن (جي ٽوليءَ) ۾ ضرور داخل ڪنداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يَقُولُ ءَامَنَّا بِٱللَّهِ فَإِذَآ أُوذِىَ فِى ٱللَّهِ جَعَلَ فِتْنَةَ ٱلنَّاسِ كَعَذَابِ ٱللَّهِ وَلَئِن جَآءَ نَصْرٌ مِّن رَّبِّكَ لَيَقُولُنَّ إِنَّا كُنَّا مَعَكُمْ أَوَلَيْسَ ٱللَّهُ بِأَعْلَمَ بِمَا فِى صُدُورِ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته الله تي ايمان آندو اٿون پوءِ جڏھن الله (جي واٽ) ۾ اُن کي ڪو ايذاءُ پھچايو ويندو آھي (تڏھن) ماڻھن جي ايذائڻ کي الله جي عذاب وانگر سمجھندو آھي، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار وٽان ڪا مدد ايندي آھي ته چوندا آھن ته بيشڪ اسين اوھان ساڻ ھواسون، جيڪي جھان (وارن) جي دلين ۾ آھي سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ نه آھي ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَيَعْلَمَنَّ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَلَيَعْلَمَنَّ ٱلْمُنَٰفِقِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ ته جن ايمان آندو آھي تن کي الله ڌار ڪندو آھي ۽ منافقن کي به ڌار ڪندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱتَّبِعُوا۟ سَبِيلَنَا وَلْنَحْمِلْ خَطَٰيَٰكُمْ وَمَا هُم بِحَٰمِلِينَ مِنْ خَطَٰيَٰهُم مِّن شَىْءٍ إِنَّهُمْ لَكَٰذِبُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ ڪافر مؤمنن کي چون ٿا (اوھين) اسان جي واٽ جي تابعداري ڪريو ۽ (اسين) اوھان جون مدايون کڻنداسين، حالانڪ اُھي سندين مداين مان ڪجھ به کڻڻ وارا نه آھن، بيشڪ اُھي ڪُوڙا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَيَحْمِلُنَّ أَثْقَالَهُمْ وَأَثْقَالًا مَّعَ أَثْقَالِهِمْ وَلَيُسْـَٔلُنَّ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ عَمَّا كَانُوا۟ يَفْتَرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ پنھنجن (گناھن جون) ڳٺڙيون ۽ (ٻيون ڪيئي) ڳٺڙيون پنھنجن گناھن سان ضرورکڻندا، ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا آھن تنھن بابت قيامت جي ڏينھن ضرور پڇيا ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِۦ فَلَبِثَ فِيهِمْ أَلْفَ سَنَةٍ إِلَّا خَمْسِينَ عَامًا فَأَخَذَهُمُ ٱلطُّوفَانُ وَهُمْ ظَٰلِمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون ۽ پوءِ پنجاھ ورھ گھٽ (ھڪ) ھزار سال منجھن رھيو، پوءِ کين طوفان پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَنجَيْنَٰهُ وَأَصْحَٰبَ ٱلسَّفِينَةِ وَجَعَلْنَٰهَآ ءَايَةً لِّلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ کيس ۽ ٻيڙيءَ وارن کي (ٻڏڻ کان) بچايوسون ۽ اُن (ٻيڙيءَ) کي جھان (وارن) لاءِ نشاني ڪيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِبْرَٰهِيمَ إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ وَٱتَّقُوهُ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ ابراھيم کي (موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو، اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّمَا تَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ أَوْثَٰنًا وَتَخْلُقُونَ إِفْكًا إِنَّ ٱلَّذِينَ تَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ لَا يَمْلِكُونَ لَكُمْ رِزْقًا فَٱبْتَغُوا۟ عِندَ ٱللَّهِ ٱلرِّزْقَ وَٱعْبُدُوهُ وَٱشْكُرُوا۟ لَهُۥٓ إِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
Taj Mehmood Amroti اوھين ته الله کانسواءِ بُتن کي پوڄيندا آھيو ۽ اوھين (ڪوڙو) ٺاھ ٺاھيندا آھيو، بيشڪ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھيو سي ته اوھان کي روزي (ڏيڻ) جي (ڪي) مالڪ نه آھن تنھنڪري الله وٽان رزق طلب ڪريو ۽ سندس عبادت ڪريو ۽ سندس شڪرانو ڪريو، ڏانھس موٽايا ويندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِن تُكَذِّبُوا۟ فَقَدْ كَذَّبَ أُمَمٌ مِّن قَبْلِكُمْ وَمَا عَلَى ٱلرَّسُولِ إِلَّا ٱلْبَلَٰغُ ٱلْمُبِينُ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪڏھن ڪوڙو ڀانيو ٿا ته (ڇا ٿيو) بيشڪ اوھان کان اڳ (ڪيترين) اُمتن (پنھنجن پيغمبرن کي) ڪوڙو ڀانيو ھو، ۽ پيغمبر تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي رکيل) نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوَلَمْ يَرَوْا۟ كَيْفَ يُبْدِئُ ٱللَّهُ ٱلْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُۥٓ إِنَّ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرٌ
Taj Mehmood Amroti نه ڏٺو اٿن ڇا ته الله خلق کي ڪھڙي طرح نئين سِر بنائيندو آھي؟ وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو، بيشڪ اِھو (ڪم) الله تي آسان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ سِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَٱنظُرُوا۟ كَيْفَ بَدَأَ ٱلْخَلْقَ ثُمَّ ٱللَّهُ يُنشِئُ ٱلنَّشْأَةَ ٱلْـَٔاخِرَةَ إِنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
Taj Mehmood Amroti (کين) چؤ ته مُلڪ ۾ گھمو پوءِ نظر ڪريو ته الله ڪئن نئين سِر خلق کي پيدا ڪيو وري اُن پيدا ڪيل کي الله ٻيھر پيدا ڪندو، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يُعَذِّبُ مَن يَشَآءُ وَيَرْحَمُ مَن يَشَآءُ وَإِلَيْهِ تُقْلَبُونَ
Taj Mehmood Amroti جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن تي وڻيس رحم ڪري، ۽ (اوھين) ڏانھس موٽايا ويندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَنتُم بِمُعْجِزِينَ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَا فِى ٱلسَّمَآءِ وَمَا لَكُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلَا نَصِيرٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ اوھين نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ عاجز ڪرڻ وارا آھيو، ۽ اوھان جو الله کانسواءِ نڪو سڄڻ ۽ نڪو مددگار آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ وَلِقَآئِهِۦٓ أُو۟لَٰٓئِكَ يَئِسُوا۟ مِن رَّحْمَتِى وَأُو۟لَٰٓئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن الله جي آيتن ۽ سندس ملڻ جو انڪار ڪيو سي منھنجي ٻاجھ کان نا اُميد ٿيا آھن ۽ اُنھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَا كَانَ جَوَابَ قَوْمِهِۦٓ إِلَّآ أَن قَالُوا۟ ٱقْتُلُوهُ أَوْ حَرِّقُوهُ فَأَنجَىٰهُ ٱللَّهُ مِنَ ٱلنَّارِ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَٰتٍ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ ابراھيم جي قوم جي ورندي ھن چوڻ کانسواءِ (ٻي) ڪانه ھئي ته اُن کي ڪُھو يا اُن کي ساڙيو پوءِ الله کيس باھ کان بچايو، بيشڪ ھن (احوال) ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ وڏيون نشانيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ إِنَّمَا ٱتَّخَذْتُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ أَوْثَٰنًا مَّوَدَّةَ بَيْنِكُمْ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ثُمَّ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ يَكْفُرُ بَعْضُكُم بِبَعْضٍ وَيَلْعَنُ بَعْضُكُم بَعْضًا وَمَأْوَىٰكُمُ ٱلنَّارُ وَمَا لَكُم مِّن نَّٰصِرِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (ابراھيم) چيو ته اوھان دنيا جي حياتيءَ ۾ رڳو پاڻ ۾ دوستيءَ جي ڪري الله کانسواءِ بتن کي اختيار ڪيو آھي، وري قيامت جي ڏينھن اوھين ھڪ ٻئي جو انڪار ڪندؤ ۽ اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي لعنت ڪندا، ۽ اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪوبه مددگار نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَـَٔامَنَ لَهُۥ لُوطٌ وَقَالَ إِنِّى مُهَاجِرٌ إِلَىٰ رَبِّىٓ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Taj Mehmood Amroti پوءِ ابراھيم تي لُوط ايمان آندو، ۽ (ابراھيم) چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وطن ڇڏڻ وارو آھيان، بيشڪ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَوَهَبْنَا لَهُۥٓ إِسْحَٰقَ وَيَعْقُوبَ وَجَعَلْنَا فِى ذُرِّيَّتِهِ ٱلنُّبُوَّةَ وَٱلْكِتَٰبَ وَءَاتَيْنَٰهُ أَجْرَهُۥ فِى ٱلدُّنْيَا وَإِنَّهُۥ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ لَمِنَ ٱلصَّٰلِحِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ اُن کي اسحاق ۽ يعقوب بخشيوسون ۽ سندس اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب مقرر ڪيوسون ۽ کيس دنيا ۾ سندس اجر ڏنوسون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ (به) صالحن مان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلُوطًا إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِۦٓ إِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ ٱلْفَٰحِشَةَ مَا سَبَقَكُم بِهَا مِنْ أَحَدٍ مِّنَ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ لُوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين اُھو بي حيائي جو ڪم ڪندا آھيو جو جھان وارن مان ڪنھن ھڪ (به) اھو اوھان کان اڳ نه ڪيو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَئِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ ٱلرِّجَالَ وَتَقْطَعُونَ ٱلسَّبِيلَ وَتَأْتُونَ فِى نَادِيكُمُ ٱلْمُنكَرَ فَمَا كَانَ جَوَابَ قَوْمِهِۦٓ إِلَّآ أَن قَالُوا۟ ٱئْتِنَا بِعَذَابِ ٱللَّهِ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّٰدِقِينَ
Taj Mehmood Amroti ڇا اوھين مڙسن ڏانھن (شھوت سان) ويندا آھيو ۽ واٽ تي ڦُر ڪندا آھيو، ۽ پنھنجن مجلسن ۾ بد ڪم ڪندا آھيو؟ پوءِ سندس قوم جي ورندي ھن چوڻ کان سواءِ نه ھئي ته جيڪڏھن سچن مان آھين ته الله جو عذاب اسان وٽ آڻ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ رَبِّ ٱنصُرْنِى عَلَى ٱلْقَوْمِ ٱلْمُفْسِدِينَ
Taj Mehmood Amroti (لُوط) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي فسادين جي قوم تي مدد ڏي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَمَّا جَآءَتْ رُسُلُنَآ إِبْرَٰهِيمَ بِٱلْبُشْرَىٰ قَالُوٓا۟ إِنَّا مُهْلِكُوٓا۟ أَهْلِ هَٰذِهِ ٱلْقَرْيَةِ إِنَّ أَهْلَهَا كَانُوا۟ ظَٰلِمِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جنھن مھل اسان جي قاصدن ابراھيم وٽ خوشخبري آندي (تنھن مھل) چيائون ته اسين ھن ڳوٺ وارن کي ناس ڪرڻ وارا آھيون، ڇوته اُتي جي رھڻ وارا ظالم (ٿيا) آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ إِنَّ فِيهَا لُوطًا قَالُوا۟ نَحْنُ أَعْلَمُ بِمَن فِيهَا لَنُنَجِّيَنَّهُۥ وَأَهْلَهُۥٓ إِلَّا ٱمْرَأَتَهُۥ كَانَتْ مِنَ ٱلْغَٰبِرِينَ
Taj Mehmood Amroti (ابراھيم) چيو ته بيشڪ اُن ۾ لُوط آھي، چيائون ته جيڪو به منجھس آھي تنھن کي اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون، کيس ۽ سندس گھر جي ڀاتين کي ضرور بچائينداسون سواءِ سنديس زال جي جا باقي رھيلن مان ٿيندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَمَّآ أَن جَآءَتْ رُسُلُنَا لُوطًا سِىٓءَ بِهِمْ وَضَاقَ بِهِمْ ذَرْعًا وَقَالُوا۟ لَا تَخَفْ وَلَا تَحْزَنْ إِنَّا مُنَجُّوكَ وَأَهْلَكَ إِلَّا ٱمْرَأَتَكَ كَانَتْ مِنَ ٱلْغَٰبِرِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جنھن مھل اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا تنھن مھل انھن جي (اچڻ) سببان ناراض ٿيو ۽ اُنھن جي (اچڻ) سببان دل تنگ ٿيو ۽ (اُنھن) چيو ته نڪي ڊڄ ۽ نڪي غم کاءُ، بيشڪ اسين توکي ۽ تنھنجي گھر جي ڀاتين کي بچائڻ وارا آھيون سواءِ تنھنجي زال جي جا باقي رھيلن مان ٿيندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا مُنزِلُونَ عَلَىٰٓ أَهْلِ هَٰذِهِ ٱلْقَرْيَةِ رِجْزًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِ بِمَا كَانُوا۟ يَفْسُقُونَ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ اسين ھن ڳوٺ وارن تي ھڪ عذاب انھي سببان آسمان کان لاھڻ وارا آھيون جو بدڪار ٿيا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَد تَّرَكْنَا مِنْهَآ ءَايَةًۢ بَيِّنَةً لِّقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ اُن ڳوٺ جي پڌري نشاني سمجھندڙ قوم لاءِ ڇڏي سون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِلَىٰ مَدْيَنَ أَخَاهُمْ شُعَيْبًا فَقَالَ يَٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ وَٱرْجُوا۟ ٱلْيَوْمَ ٱلْـَٔاخِرَ وَلَا تَعْثَوْا۟ فِى ٱلْأَرْضِ مُفْسِدِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ مدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ۽ قيامت جي ڏينھن جي اُميد رکو ۽ فسادي ٿي مُلڪ ۾ نه ڦِرو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَكَذَّبُوهُ فَأَخَذَتْهُمُ ٱلرَّجْفَةُ فَأَصْبَحُوا۟ فِى دَارِهِمْ جَٰثِمِينَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين زلزلي اچي ورتو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ اونڌا ٿي (مري) پيا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَعَادًا وَثَمُودَا۟ وَقَد تَّبَيَّنَ لَكُم مِّن مَّسَٰكِنِهِمْ وَزَيَّنَ لَهُمُ ٱلشَّيْطَٰنُ أَعْمَٰلَهُمْ فَصَدَّهُمْ عَنِ ٱلسَّبِيلِ وَكَانُوا۟ مُسْتَبْصِرِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ عاد ۽ ثمود کي (چٽ ڪيوسون) ۽ بيشڪ سندين ڪن جاين مان اوھان کي پڌرو ٿي چڪو آھي، ۽ شيطان اُنھن لاءِ سندن عمل سينگاريا ھوا پوءِ کين سِڌي واٽ کان جھليائين ۽ (اُھي) سمجھ وارا (به) ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَٰرُونَ وَفِرْعَوْنَ وَهَٰمَٰنَ وَلَقَدْ جَآءَهُم مُّوسَىٰ بِٱلْبَيِّنَٰتِ فَٱسْتَكْبَرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا كَانُوا۟ سَٰبِقِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ قارون ۽ فرعون ۽ ھامان کي (به چٽ ڪيوسون)، ۽ بيشڪ مُوسىٰ پڌرن معجزن سان وٽن آيو پوءِ مُلڪ ۾ وڏائي ڪيائون ۽ (اڳتي) وڌي ويندڙ نه ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَكُلًّا أَخَذْنَا بِذَنۢبِهِۦ فَمِنْهُم مَّنْ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِ حَاصِبًا وَمِنْهُم مَّنْ أَخَذَتْهُ ٱلصَّيْحَةُ وَمِنْهُم مَّنْ خَسَفْنَا بِهِ ٱلْأَرْضَ وَمِنْهُم مَّنْ أَغْرَقْنَا وَمَا كَانَ ٱللَّهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلَٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ سڀڪنھن کي سندس گناھ سببان پڪڙيوسون، پوءِ منجھانئن ڪن تي سخت آنڌي موڪلي سون، ۽ منجھانئن ڪن کي ڪڙڪي (اچي) ورتو، ۽ منجھانئن ڪن کي زمين ۾ ڳھايوسون، ۽ منجھانئن ڪن کي ٻوڙيوسون، ۽ ڪڏھن ٿيڻو نه ھو جو الله مٿن ظلم ڪري پر ھنن پنھنجو پاڻ تي ظلم ٿي ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَثَلُ ٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ أَوْلِيَآءَ كَمَثَلِ ٱلْعَنكَبُوتِ ٱتَّخَذَتْ بَيْتًا وَإِنَّ أَوْهَنَ ٱلْبُيُوتِ لَبَيْتُ ٱلْعَنكَبُوتِ لَوْ كَانُوا۟ يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti جن الله کانسواءِ ٻيا دوست ورتا آھن تن جو مثال ڪوريئڙي جي مثال وانگر آھي، جنھن گھر ٺاھيو، ۽ بيشڪ سڀني گھرن ۾ وڌيڪ ھيڻو ڪوريئڙي جو گھر آھي، جيڪڏھن (اھا ڳالھ) ڄاڻن ھا (ته ائين نه ڪن ھا).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ مَا يَدْعُونَ مِن دُونِهِۦ مِن شَىْءٍ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ جنھن شيء کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن سا جيڪا به ھجي تنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتِلْكَ ٱلْأَمْثَٰلُ نَضْرِبُهَا لِلنَّاسِ وَمَا يَعْقِلُهَآ إِلَّا ٱلْعَٰلِمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ اھي مثال آھن جن کي ماڻھن لاءِ بيان ڪندا آھيون، ۽ انھن کي ڄاڻندڙن کانسواءِ ڪونه سمجھندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
خَلَقَ ٱللَّهُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّلْمُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amroti الله آسمانن ۽ زمين کي (چڱيء) رِٿ سان خلقيو آھي، بيشڪ اِن (ڪم) ۾ مؤمنن لاءِ (وڏي) نشاني آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱتْلُ مَآ أُوحِىَ إِلَيْكَ مِنَ ٱلْكِتَٰبِ وَأَقِمِ ٱلصَّلَوٰةَ إِنَّ ٱلصَّلَوٰةَ تَنْهَىٰ عَنِ ٱلْفَحْشَآءِ وَٱلْمُنكَرِ وَلَذِكْرُ ٱللَّهِ أَكْبَرُ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ مَا تَصْنَعُونَ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) ڪتان مان جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ ۽ نماز پڙھ، بيشڪ نماز بي حيائي ۽ مَدي ڪم (ڪرڻ) کان جھليندي آھي، بيشڪ الله جو ياد ڪرڻ سڀ کان وڏو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا تُجَٰدِلُوٓا۟ أَهْلَ ٱلْكِتَٰبِ إِلَّا بِٱلَّتِى هِىَ أَحْسَنُ إِلَّا ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ مِنْهُمْ وَقُولُوٓا۟ ءَامَنَّا بِٱلَّذِىٓ أُنزِلَ إِلَيْنَا وَأُنزِلَ إِلَيْكُمْ وَإِلَٰهُنَا وَإِلَٰهُكُمْ وَٰحِدٌ وَنَحْنُ لَهُۥ مُسْلِمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ ڪتاب وارن مان جن بي انصافي ڪئي تن کانسواءِ ٻـين سان ڏاڍي چڱي طريقي کانسواءِ تڪرار نه ڪريو ۽ چئو ته جيڪي اسان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي ۽ جيڪي اوھان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي تنھن تي اسان ايمان آندو آھي ۽ اسان جو معبود ۽ اوھان جو معبُود ھڪ آھي ۽ اسين سندس فرمانبردار آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَذَٰلِكَ أَنزَلْنَآ إِلَيْكَ ٱلْكِتَٰبَ فَٱلَّذِينَ ءَاتَيْنَٰهُمُ ٱلْكِتَٰبَ يُؤْمِنُونَ بِهِۦ وَمِنْ هَٰٓؤُلَآءِ مَن يُؤْمِنُ بِهِۦ وَمَا يَجْحَدُ بِـَٔايَٰتِنَآ إِلَّا ٱلْكَٰفِرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (جھڙي طرح اڳيان ڪتاب نازل ڪياسون) اھڙي طرح اسان توڏانھن ڪتاب نازل ڪيو، پوءِ جن کي ڪتاب ڏنوسون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن، ۽ انھن (عربن) مان ڪو (اھڙو) آھي جو اُن تي ايمان آڻيندو آھي، ۽ ڪافرن کانسواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا كُنتَ تَتْلُوا۟ مِن قَبْلِهِۦ مِن كِتَٰبٍ وَلَا تَخُطُّهُۥ بِيَمِينِكَ إِذًا لَّٱرْتَابَ ٱلْمُبْطِلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ اُنھيءَ (قرآن جي لھڻ) کان اڳ ڪو ڪتاب نڪي تون پڙھندو ھئين ۽ نڪي اُھو پنھنجي سڄي ھٿ سان لکندو ھئين (جيڪڏھن لکين پڙھين ھا) ته اُنھيءَ مھل اُھي ڪوڙا ضرور شڪ ۾ پون ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلْ هُوَ ءَايَٰتٌۢ بَيِّنَٰتٌ فِى صُدُورِ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ وَمَا يَجْحَدُ بِـَٔايَٰتِنَآ إِلَّا ٱلظَّٰلِمُونَ
Taj Mehmood Amroti بلڪ اُھو (قرآن) پڌريون آيتون (آھن) انھن جي سينن ۾ (محفوظ) آھي جن کي عِلم ڏنو ويو آھي، ۽ ظالمن کان سواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالُوا۟ لَوْلَآ أُنزِلَ عَلَيْهِ ءَايَٰتٌ مِّن رَّبِّهِۦ قُلْ إِنَّمَا ٱلْـَٔايَٰتُ عِندَ ٱللَّهِ وَإِنَّمَآ أَنَا۠ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ چون ٿا ته سندس پالڻھار کان مٿس مُعجزا ڇونه نازل ڪيا ويا آھن؟ (کين) چؤ مُعجزا (ته رڳو منھنجي) الله وٽ آھن، ۽ آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوَلَمْ يَكْفِهِمْ أَنَّآ أَنزَلْنَا عَلَيْكَ ٱلْكِتَٰبَ يُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَرَحْمَةً وَذِكْرَىٰ لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
Taj Mehmood Amroti اسان توتي ڪتاب نازل ڪيو جو کين پڙھي ٻڌائبو آھي سو کين ڪافي نه آھي ڇا، بيشڪ ھن ۾ مؤمنن جي قوم لاءِ ٻاجھ ۽ نصيحت آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ كَفَىٰ بِٱللَّهِ بَيْنِى وَبَيْنَكُمْ شَهِيدًا يَعْلَمُ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِٱلْبَٰطِلِ وَكَفَرُوا۟ بِٱللَّهِ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْخَٰسِرُونَ
Taj Mehmood Amroti (کين) چؤ ته الله منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ شاھد بس آھي، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو اُھو ڄاڻندو آھي، ۽ جن ڪوڙ کي مڃيو ۽ الله جو انڪار ڪيو سي ئي ڇيئي وارا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَسْتَعْجِلُونَكَ بِٱلْعَذَابِ وَلَوْلَآ أَجَلٌ مُّسَمًّى لَّجَآءَهُمُ ٱلْعَذَابُ وَلَيَأْتِيَنَّهُم بَغْتَةً وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ توکان عذاب تڪڙو گھرندا آھن، ۽ جيڪڏھن (اُن جي) مُدّت مُقرر ٿيل نه ھجي ھا ته کين عذاب ضرور پھچي ھا، ۽ (اھو) مٿن پڪ اوچتو ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَسْتَعْجِلُونَكَ بِٱلْعَذَابِ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحِيطَةٌۢ بِٱلْكَٰفِرِينَ
Taj Mehmood Amroti توکان عذاب تڪڙو گھرندا آھن، بيشڪ دوزخ ڪافرن کي (اُنھيءَ ڏينھن) وڪوڙيندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ يَغْشَىٰهُمُ ٱلْعَذَابُ مِن فَوْقِهِمْ وَمِن تَحْتِ أَرْجُلِهِمْ وَيَقُولُ ذُوقُوا۟ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti جنھن ڏينھن کين عذاب سندن مٿن کان ۽ سندن پيرن جي ھيٺ کان ويڙھيندو ۽ (الله) چوندو ته جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجو (مزو) چکو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰعِبَادِىَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِنَّ أَرْضِى وَٰسِعَةٌ فَإِيَّٰىَ فَٱعْبُدُونِ
Taj Mehmood Amroti اي منھنجا مؤمن ٻانھؤ بيشڪ منھنجي زمين ويڪري آھي تنھنڪري خاص منھنجي عبادت ڪريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ ٱلْمَوْتِ ثُمَّ إِلَيْنَا تُرْجَعُونَ
Taj Mehmood Amroti سڀڪو جيءُ موت جو مزو چکڻ وارو آھي، وري اسان ڏي موٽائبؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَنُبَوِّئَنَّهُم مِّنَ ٱلْجَنَّةِ غُرَفًا تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ خَٰلِدِينَ فِيهَا نِعْمَ أَجْرُ ٱلْعَٰمِلِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ضرور بھشت جي ماڙين ۾ ٽِڪائينداسون جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجس سدائين رھڻ وارا آھن، (انھن چڱن) ڪمن ڪندڙن جي مزوري چڱي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ صَبَرُوا۟ وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ
Taj Mehmood Amroti جن صبر ڪيو ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَأَيِّن مِّن دَآبَّةٍ لَّا تَحْمِلُ رِزْقَهَا ٱللَّهُ يَرْزُقُهَا وَإِيَّاكُمْ وَهُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ
Taj Mehmood Amroti ۽ ڪيترائي جانور پنھنجي روزي ساڻ نه کڻندا آھن، الله تعالىٰ انھن کي ۽ اوھان کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّنْ خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَسَخَّرَ ٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ لَيَقُولُنَّ ٱللَّهُ فَأَنَّىٰ يُؤْفَكُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ته ڪنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ (ڪنھن) سج ۽ چنڊ کي نِوايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱللَّهُ يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ وَيَقْدِرُ لَهُۥٓ إِنَّ ٱللَّهَ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌ
Taj Mehmood Amroti الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري ته تَنھنجي) گھٽ ڪندو آھي، ڇوته الله ھر شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّن نَّزَّلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً فَأَحْيَا بِهِ ٱلْأَرْضَ مِنۢ بَعْدِ مَوْتِهَا لَيَقُولُنَّ ٱللَّهُ قُلِ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪڏھن کائن پڇين ته ڪنھن آسمان کان پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ کانپوءِ جيئرو ڪيو ته ضرور چوندا ته الله، (اي پيغمبر کين) چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ منجھائن گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا هَٰذِهِ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَآ إِلَّا لَهْوٌ وَلَعِبٌ وَإِنَّ ٱلدَّارَ ٱلْـَٔاخِرَةَ لَهِىَ ٱلْحَيَوَانُ لَوْ كَانُوا۟ يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ ھيءَ دنيا جي حياتي ته تماشي ۽ راند کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي، ۽ بيشڪ آخرت جي حويلي ئي سدائين حياتيءَ واري آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا (ته آخرت کي دنيا کان وڌيڪ پسند ڪن ھا).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِذَا رَكِبُوا۟ فِى ٱلْفُلْكِ دَعَوُا۟ ٱللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ ٱلدِّينَ فَلَمَّا نَجَّىٰهُمْ إِلَى ٱلْبَرِّ إِذَا هُمْ يُشْرِكُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ (اُھي) جڏھن ٻيڙين ۾ چڙھندا آھن (تڏھن) رڳو الله کي سندس اعتقاد رکي سڏيندا آھن، پوءِ جڏھن کين ڀر ڏانھن پھچائيندو (بچائي) آھي (تڏھن) اُتي جو اُتي (ھن ڪري) شرڪ ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِيَكْفُرُوا۟ بِمَآ ءَاتَيْنَٰهُمْ وَلِيَتَمَتَّعُوا۟ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti ته جيڪي کين ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، ۽ ته خوش گذارين، پوءِ سگھوئي (حال جي حقيقت) ڄاڻندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّا جَعَلْنَا حَرَمًا ءَامِنًا وَيُتَخَطَّفُ ٱلنَّاسُ مِنْ حَوْلِهِمْ أَفَبِٱلْبَٰطِلِ يُؤْمِنُونَ وَبِنِعْمَةِ ٱللَّهِ يَكْفُرُونَ
Taj Mehmood Amroti نه ڏٺائون ڇا ته اسان (مڪي جي) حرم کي امن جي جاءِ ڪئي؟ حالانڪ سندس آس پاس کان ماڻھو اُمالڪ کڄي ويندا آھن، پوءِ ڇا ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا أَوْ كَذَّبَ بِٱلْحَقِّ لَمَّا جَآءَهُۥٓ أَلَيْسَ فِى جَهَنَّمَ مَثْوًى لِّلْكَٰفِرِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ اُن کان وڌيڪ ڪير ظالم آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا جڏھن وٽس حق آيو تڏھن اُن کي ڪوڙو ڄاڻي؟ ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ جَٰهَدُوا۟ فِينَا لَنَهْدِيَنَّهُمْ سُبُلَنَا وَإِنَّ ٱللَّهَ لَمَعَ ٱلْمُحْسِنِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن اسان جي واٽ ۾ ڪوشش ڪئي تن کي ضرور پنھنجون واٽون ڏيکارينداسون، ۽ بيشڪ الله ڀلارن سان گڏ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
→ سورة القصص
سورة الروم ←
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→
Arabic text and translations via Tanzil and QuranEnc — verbatim, unmodified · Translations belong to their translators and are not the Qur'an itself
هي تحقيق جو مددگار آهي، فتويٰ جو ذريعو ناهي.