أَئِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ ٱلرِّجَالَ وَتَقْطَعُونَ ٱلسَّبِيلَ وَتَأْتُونَ فِى نَادِيكُمُ ٱلْمُنكَرَ فَمَا كَانَ جَوَابَ قَوْمِهِۦٓ إِلَّآ أَن قَالُوا۟ ٱئْتِنَا بِعَذَابِ ٱللَّهِ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّٰدِقِينَ
Taj Mehmood Amrotiڇا اوھين مڙسن ڏانھن (شھوت سان) ويندا آھيو ۽ واٽ تي ڦُر ڪندا آھيو، ۽ پنھنجن مجلسن ۾ بد ڪم ڪندا آھيو؟ پوءِ سندس قوم جي ورندي ھن چوڻ کان سواءِ نه ھئي ته جيڪڏھن سچن مان آھين ته الله جو عذاب اسان وٽ آڻ.