caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة التغابن التغابن

١٨ آيتون · مدني · نزول جي ترتيب ١٠٨

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ يُسَبِّحُ لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ لَهُ ٱلْمُلْكُ وَلَهُ ٱلْحَمْدُ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، سندس ئي بادشاھي آھي ۽ سنديس ئي ساراھ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هُوَ ٱلَّذِى خَلَقَكُمْ فَمِنكُمْ كَافِرٌ وَمِنكُم مُّؤْمِنٌ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ

Taj Mehmood Amroti(الله) اھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ اوھان مان ڪو ڪافر ۽ اوھان مان ڪو مؤمن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ وَصَوَّرَكُمْ فَأَحْسَنَ صُوَرَكُمْ وَإِلَيْهِ ٱلْمَصِيرُ

Taj Mehmood Amrotiآسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رِٿ سان بڻايائين ۽ اوھانکي صُورت ڏنائين پوءِ اوھان جون صُورتون تمام چڱيون بڻايائين ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَعْلَمُ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَيَعْلَمُ مَا تُسِرُّونَ وَمَا تُعْلِنُونَ وَٱللَّهُ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو (اُھو) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سينن جو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَلَمْ يَأْتِكُمْ نَبَؤُا۟ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن قَبْلُ فَذَاقُوا۟ وَبَالَ أَمْرِهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ

Taj Mehmood Amroti(ھن کان) اڳ جيڪي ڪافر ھئا تن جي اوھان وٽ خبر نه آئي آھي ڇا؟ پوءِ پنھنجي ڪئي جي سزا چکيائون ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذَٰلِكَ بِأَنَّهُۥ كَانَت تَّأْتِيهِمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ فَقَالُوٓا۟ أَبَشَرٌ يَهْدُونَنَا فَكَفَرُوا۟ وَتَوَلَّوا۟ وَّٱسْتَغْنَى ٱللَّهُ وَٱللَّهُ غَنِىٌّ حَمِيدٌ

Taj Mehmood Amrotiاِھو (عذاب) ھِن ڪري آھي جو سندن پيغمبر (چِٽن) مُعجزن سان وٽن ايندا ھئا ته چوندا ھوا ته اسان کي (اسان جھڙا) ماڻھو (سڌو) رستو ڏيکاريندا ڇا، پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منھن ڦيرايائون ۽ الله (به) بي پرواھي ڪئي، ۽ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

زَعَمَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ أَن لَّن يُبْعَثُوا۟ قُلْ بَلَىٰ وَرَبِّى لَتُبْعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِمَا عَمِلْتُمْ وَذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرٌ

Taj Mehmood Amrotiڪافر ڀائيندا آھن ته (قبرن مان) کين ڪڏھن نه اُٿاربو، (کين) چؤ ته ھائو! منھنجي پالڻھار جو قسم ته (اوھين) ضرور اُٿاربؤ وري جيڪي ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي ضرور سُڌ ڏبي، ۽ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَـَٔامِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَٱلنُّورِ ٱلَّذِىٓ أَنزَلْنَا وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌ

Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ نُور (قرآن) تي به جيڪو نازل ڪيوسون، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ يَجْمَعُكُمْ لِيَوْمِ ٱلْجَمْعِ ذَٰلِكَ يَوْمُ ٱلتَّغَابُنِ وَمَن يُؤْمِنۢ بِٱللَّهِ وَيَعْمَلْ صَٰلِحًا يُكَفِّرْ عَنْهُ سَيِّـَٔاتِهِۦ وَيُدْخِلْهُ جَنَّٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ خَٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا ذَٰلِكَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ

Taj Mehmood Amrotiجنھن مھل اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ گڏ ڪندو اُھو ڏينھن ھارجڻ ۽ کٽجڻ جو آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کان سندس مدايون الله ميٽيندو ۽ اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي سدائين رھندا، اُھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَآ أُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلنَّارِ خَٰلِدِينَ فِيهَا وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ

Taj Mehmood Amroti۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو اھي دوزخي آھن اُن ۾ سدائين رھندا، ۽ (اُھو) ھنڌ بڇڙو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَآ أَصَابَ مِن مُّصِيبَةٍ إِلَّا بِإِذْنِ ٱللَّهِ وَمَن يُؤْمِنۢ بِٱللَّهِ يَهْدِ قَلْبَهُۥ وَٱللَّهُ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiالله جي حُڪم کانسواءِ ڪابه مصيبت نه پھچندي آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو تنھن جي دل کي (اُھو) ھدايت ڪندو، ۽ الله ھر شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُوا۟ ٱلرَّسُولَ فَإِن تَوَلَّيْتُمْ فَإِنَّمَا عَلَىٰ رَسُولِنَا ٱلْبَلَٰغُ ٱلْمُبِينُ

Taj Mehmood Amroti۽ الله جو چيو مڃيو ۽ پيغمبر جو چيو مڃيو، پوءِ جيڪڏھن مُنھن موڙيندؤ ته اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱللَّهُ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ وَعَلَى ٱللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ ٱلْمُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiالله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي (ئي) ڀروسو ڪن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِنَّ مِنْ أَزْوَٰجِكُمْ وَأَوْلَٰدِكُمْ عَدُوًّا لَّكُمْ فَٱحْذَرُوهُمْ وَإِن تَعْفُوا۟ وَتَصْفَحُوا۟ وَتَغْفِرُوا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiاي ايمان وارؤ بيشڪ ڪي اوھان جون زالون ۽ ڪي اوھان جو اولاد اوھان جو دشمن آھي تنھنڪري انھن کان حذر ڪريو، ۽ جيڪڏھن معافي ڪريو ۽ ٽارو ڪريو ۽ بخشيو ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّمَآ أَمْوَٰلُكُمْ وَأَوْلَٰدُكُمْ فِتْنَةٌ وَٱللَّهُ عِندَهُۥٓ أَجْرٌ عَظِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiاوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو پرک آھن، ۽ الله ئي وٽ وڏو اجر آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ مَا ٱسْتَطَعْتُمْ وَٱسْمَعُوا۟ وَأَطِيعُوا۟ وَأَنفِقُوا۟ خَيْرًا لِّأَنفُسِكُمْ وَمَن يُوقَ شُحَّ نَفْسِهِۦ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ

Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري جيترو ٿي سگھيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جو حُڪم) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ خرچ ڪريو ته اوھان جي جِندن لاءِ چڱو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايا ويا سي ئي ڇُٽڻ وارا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِن تُقْرِضُوا۟ ٱللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا يُضَٰعِفْهُ لَكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ وَٱللَّهُ شَكُورٌ حَلِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيندؤ ته (الله) اوھان کي اُھو (قرض) ٻيڻون (ورائي ڏيندو) ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله قدردان بردبار آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

عَٰلِمُ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَٰدَةِ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ

Taj Mehmood Amrotiڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب حڪمت وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70