caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الطلاق الطلاق

١٢ آيتون · مدني · نزول جي ترتيب ٩٩

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ إِذَا طَلَّقْتُمُ ٱلنِّسَآءَ فَطَلِّقُوهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَأَحْصُوا۟ ٱلْعِدَّةَ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ رَبَّكُمْ لَا تُخْرِجُوهُنَّ مِنۢ بُيُوتِهِنَّ وَلَا يَخْرُجْنَ إِلَّآ أَن يَأْتِينَ بِفَٰحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ وَتِلْكَ حُدُودُ ٱللَّهِ وَمَن يَتَعَدَّ حُدُودَ ٱللَّهِ فَقَدْ ظَلَمَ نَفْسَهُۥ لَا تَدْرِى لَعَلَّ ٱللَّهَ يُحْدِثُ بَعْدَ ذَٰلِكَ أَمْرًا

Taj Mehmood Amrotiاي پيغمبر (پنھنجي اُمت کي چؤ ته اوھين) جڏھن زالن کي طلاق ڏيڻ جو ارادو ڪريو تڏھن کين عِدت (جي شروع) ۾ طلاق ڏيو ۽ عِدَّت ڳڻيو، ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄو، کين سندن گھرن مان (عِدّت جي مُدّت ۾) پڌري بي حيائي جي ڪرڻ کانسواءِ نه ڪڍو ۽ (جڳائي ته) اُھي (پاڻ به) نه نڪرن، اھي الله جون (مُقرّر ڪيل) حدون آھن، ۽ جيڪو الله جون حدون (لتاڙي) لنگھندو تنھن بيشڪ پنھنجي جيءُ تي ظلم ڪيو، ڪوبه نه ڄاڻندو آھي ته اُن (طلاق ڏيڻ) کانپوءِ (متان) الله ڪو ٻيو رستو پيدا ڪري.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِذَا بَلَغْنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمْسِكُوهُنَّ بِمَعْرُوفٍ أَوْ فَارِقُوهُنَّ بِمَعْرُوفٍ وَأَشْهِدُوا۟ ذَوَىْ عَدْلٍ مِّنكُمْ وَأَقِيمُوا۟ ٱلشَّهَٰدَةَ لِلَّهِ ذَٰلِكُمْ يُوعَظُ بِهِۦ مَن كَانَ يُؤْمِنُ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ وَمَن يَتَّقِ ٱللَّهَ يَجْعَل لَّهُۥ مَخْرَجًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن (طلاق واريون) پنھنجي مُدّت کي پھچن تڏھن چڱي طرح سان کين رکو يا چڱي طرح سان کين ڇڏي ڏيو ۽ پاڻ مان ٻه معتبر شاھد ڪريو ۽ الله لڳ شاھدي پوري ڏيو، انھيءَ (حُڪم) سان انھيءَ کي نصيحت ڏجي ٿي جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندو ھجي ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جي نڪرڻ جي (الله) ڪا واھ ڪندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَيَرْزُقْهُ مِنْ حَيْثُ لَا يَحْتَسِبُ وَمَن يَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ فَهُوَ حَسْبُهُۥٓ إِنَّ ٱللَّهَ بَٰلِغُ أَمْرِهِۦ قَدْ جَعَلَ ٱللَّهُ لِكُلِّ شَىْءٍ قَدْرًا

Taj Mehmood Amroti۽ کيس اُتاھون روزي ڏيندو جتان گمان ئي نه ھوندس، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو تنھن کي الله ڪافي آھي، بيشڪ الله پنھنجي ڪم کي پورو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ جو اندازو ڪيو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّٰٓـِٔى يَئِسْنَ مِنَ ٱلْمَحِيضِ مِن نِّسَآئِكُمْ إِنِ ٱرْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلَٰثَةُ أَشْهُرٍ وَٱلَّٰٓـِٔى لَمْ يَحِضْنَ وَأُو۟لَٰتُ ٱلْأَحْمَالِ أَجَلُهُنَّ أَن يَضَعْنَ حَمْلَهُنَّ وَمَن يَتَّقِ ٱللَّهَ يَجْعَل لَّهُۥ مِنْ أَمْرِهِۦ يُسْرًا

Taj Mehmood Amroti۽ اوھان جي (طلاق ڏنل) زالن مان جيڪي حيض کان نااُميد ٿيون ھجن (تن جي عِدّت بابت) جيڪڏھن شڪ ۾ پيا آھيو ته انھن جي عِدّت ٽي مھينا آھي ۽ جيڪي اڃا حيض واريون نه ٿيون آھن (تن جي به)، ۽ پيٽ وارين زالن جي عِدّت اِھا آھي جو ٻار ڄڻين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن لاءِ الله سندس ڪم ۾ آساني ڪندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذَٰلِكَ أَمْرُ ٱللَّهِ أَنزَلَهُۥٓ إِلَيْكُمْ وَمَن يَتَّقِ ٱللَّهَ يُكَفِّرْ عَنْهُ سَيِّـَٔاتِهِۦ وَيُعْظِمْ لَهُۥٓ أَجْرًا

Taj Mehmood Amrotiاھو الله جو حُڪم آھي جو اوھان ڏانھن ڏانھن نازل ڪيائين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جون مدايون الله کانئن ميٽيندو ۽ ان کي اجر وڌيڪ ڏيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَسْكِنُوهُنَّ مِنْ حَيْثُ سَكَنتُم مِّن وُجْدِكُمْ وَلَا تُضَآرُّوهُنَّ لِتُضَيِّقُوا۟ عَلَيْهِنَّ وَإِن كُنَّ أُو۟لَٰتِ حَمْلٍ فَأَنفِقُوا۟ عَلَيْهِنَّ حَتَّىٰ يَضَعْنَ حَمْلَهُنَّ فَإِنْ أَرْضَعْنَ لَكُمْ فَـَٔاتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ وَأْتَمِرُوا۟ بَيْنَكُم بِمَعْرُوفٍ وَإِن تَعَاسَرْتُمْ فَسَتُرْضِعُ لَهُۥٓ أُخْرَىٰ

Taj Mehmood Amrotiجتي پنھنجي وس آھر (اوھين) ٽڪندا آھيو تتي انھن کي (عدت جا ڏينھن) ٽڪايو ۽ کين ھن لاءِ نه ايذايو ته انھن کي تنگ ڪريو، ۽ جيڪڏھن پيٽ سان ھجن ته جيسين پنھنجو ٻار ڄڻين (تيسين) کين خرچ ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي حُڪم موجب (اُھي ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن مزوري ڏيو، ۽ ھلي چليءَ موجب پاڻ ۾ صلاح ڪريو، ۽ جيڪڏھن پاڻ ۾ سختي ڪريو ته اُن کي ٻي (ڪا) کير پياري.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لِيُنفِقْ ذُو سَعَةٍ مِّن سَعَتِهِۦ وَمَن قُدِرَ عَلَيْهِ رِزْقُهُۥ فَلْيُنفِقْ مِمَّآ ءَاتَىٰهُ ٱللَّهُ لَا يُكَلِّفُ ٱللَّهُ نَفْسًا إِلَّا مَآ ءَاتَىٰهَا سَيَجْعَلُ ٱللَّهُ بَعْدَ عُسْرٍ يُسْرًا

Taj Mehmood Amrotiجڳائي ته وس وارو پنھنجي وس آھي خرچ ڪري، ۽ جنھن تي روزي تنگ ڪئي ويئي آھي تنھن کي جڳائي ته جيڪي الله کيس ڏنو آھي تنھن مان خرچ ڪري، ڪنھن کي الله تڪليف نه ڏيندو آھي پر (اوتري قدر) جيتري قدر کيس الله ڏنو آھي، سگھوئي الله ڏکيائيءَ کانپوءِ سکيائي ظاھر ڪندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَكَأَيِّن مِّن قَرْيَةٍ عَتَتْ عَنْ أَمْرِ رَبِّهَا وَرُسُلِهِۦ فَحَاسَبْنَٰهَا حِسَابًا شَدِيدًا وَعَذَّبْنَٰهَا عَذَابًا نُّكْرًا

Taj Mehmood Amroti۽ (اھڙا) گھڻائي ڳوٺ (ھوا) جن پنھنجي پالڻھار جي حُڪم ۽ سندس پيغمبرن (جي حڪم) کان نافرماني ڪئي پوءِ سخت عذاب سان انھن کي پڪڙيوسون ۽ سخت عذاب سان کين عذاب ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَذَاقَتْ وَبَالَ أَمْرِهَا وَكَانَ عَٰقِبَةُ أَمْرِهَا خُسْرًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ انھن (ڳوٺ وارن) پنھنجي ڪم جي سزا چکي ۽ انھن جي ڪم جي پڇاڙي خراب ٿي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَعَدَّ ٱللَّهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيدًا فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ يَٰٓأُو۟لِى ٱلْأَلْبَٰبِ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ قَدْ أَنزَلَ ٱللَّهُ إِلَيْكُمْ ذِكْرًا

Taj Mehmood Amrotiانھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي تنھنڪري اي عقل وارا مؤمنؤ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله اوھان ڏانھن ھڪ نصيحت موڪلي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَّسُولًا يَتْلُوا۟ عَلَيْكُمْ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ مُبَيِّنَٰتٍ لِّيُخْرِجَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ مِنَ ٱلظُّلُمَٰتِ إِلَى ٱلنُّورِ وَمَن يُؤْمِنۢ بِٱللَّهِ وَيَعْمَلْ صَٰلِحًا يُدْخِلْهُ جَنَّٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ خَٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا قَدْ أَحْسَنَ ٱللَّهُ لَهُۥ رِزْقًا

Taj Mehmood Amrotiجو رسول آھي جو اوھان تي الله جون پڌريون آيتون (ھن لاءِ) پڙھندو آھي ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اونداھين کان سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي ھميشه رھندا، بيشڪ اُن جي روزي چڱي طرح ٺاھي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَ سَبْعَ سَمَٰوَٰتٍ وَمِنَ ٱلْأَرْضِ مِثْلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ ٱلْأَمْرُ بَيْنَهُنَّ لِتَعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ وَأَنَّ ٱللَّهَ قَدْ أَحَاطَ بِكُلِّ شَىْءٍ عِلْمًۢا

Taj Mehmood Amrotiالله اُھو آھي جنھن ستن آسمانن کي بڻايو ۽ اوتريون زمينون به، اُنھن جي وچ ۾ اُن جو حُڪم نازل ٿيندو آھي ته ڄاڻو ته الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي ۽ ته الله عِلم سان سڀڪنھن شيءِ کي وڪوڙيو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70