مُک صفحو › سورتون › سورة الحشر
سورة الحشر الحشر
٢٤ آيتون · مدني · نزول جي ترتيب ١٠١
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ سَبَّحَ لِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Taj Mehmood Amroti جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُوَ ٱلَّذِىٓ أَخْرَجَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِنْ أَهْلِ ٱلْكِتَٰبِ مِن دِيَٰرِهِمْ لِأَوَّلِ ٱلْحَشْرِ مَا ظَنَنتُمْ أَن يَخْرُجُوا۟ وَظَنُّوٓا۟ أَنَّهُم مَّانِعَتُهُمْ حُصُونُهُم مِّنَ ٱللَّهِ فَأَتَىٰهُمُ ٱللَّهُ مِنْ حَيْثُ لَمْ يَحْتَسِبُوا۟ وَقَذَفَ فِى قُلُوبِهِمُ ٱلرُّعْبَ يُخْرِبُونَ بُيُوتَهُم بِأَيْدِيهِمْ وَأَيْدِى ٱلْمُؤْمِنِينَ فَٱعْتَبِرُوا۟ يَٰٓأُو۟لِى ٱلْأَبْصَٰرِ
Taj Mehmood Amroti (الله) اُھو آھي جنھن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گھرن مان پھرين ئي ويڙھ ۾ ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، (اي مسلمانؤ) انھن جي نڪرڻ جو اوھان ڪو گمان نه ڪندا ھئو ۽ اُھي ڀائيندا ھوا ته الله (جي عذاب) کان سندن قلعا کين بچائڻ وارا ھوندا پوءِ (اُتان) وٽن الله (جو عذاب) پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا ۽ سندن دلين ۾ اھڙي دھشت وڌائين جو پنھنجن ھٿن سان ۽ مُسلمانن جي ھٿن سان پنھنجن گھرن کي (پاڻ) ڊاھڻ لڳا، تنھنڪري اي اکين وارؤ عبرت وٺو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَوْلَآ أَن كَتَبَ ٱللَّهُ عَلَيْهِمُ ٱلْجَلَآءَ لَعَذَّبَهُمْ فِى ٱلدُّنْيَا وَلَهُمْ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ عَذَابُ ٱلنَّارِ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪڏھن الله مٿن ديس نيڪالي نه لکي ھا ته کين (ٻيءَ طرح) دنيا ۾ عذاب ڪري ھا، ۽ انھن کي آخرت ۾ (به) باھ جو عذاب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ شَآقُّوا۟ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ وَمَن يُشَآقِّ ٱللَّهَ فَإِنَّ ٱللَّهَ شَدِيدُ ٱلْعِقَابِ
Taj Mehmood Amroti اِھو عذاب (ڪرڻ) ھن ڪري آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَا قَطَعْتُم مِّن لِّينَةٍ أَوْ تَرَكْتُمُوهَا قَآئِمَةً عَلَىٰٓ أُصُولِهَا فَبِإِذْنِ ٱللَّهِ وَلِيُخْزِىَ ٱلْفَٰسِقِينَ
Taj Mehmood Amroti (اي مؤمنؤ) جيڪي کجين جا وڻ وڍيوَ يا انھن کي پنھنجي پاڙن تي بيٺل ڇڏيوَ سو الله جي حُڪم سان ۽ ھِن لاءِ ته ھو ڪافرن کي خوار ڪري.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَفَآءَ ٱللَّهُ عَلَىٰ رَسُولِهِۦ مِنْهُمْ فَمَآ أَوْجَفْتُمْ عَلَيْهِ مِنْ خَيْلٍ وَلَا رِكَابٍ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُۥ عَلَىٰ مَن يَشَآءُ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ انھن (يعني بني نضير جي مالن) مان جيڪو (مال) الله پنھنجي پيغمبر کي ھٿ ۾ ڏنو تنھن تي اوھان نڪي گھوڙا ۽ نڪي ڪي اُٺ ڊوڙايا ھوا پر الله پنھنجن پيغمبرن کي جنھن تي وڻيس (تنھن تي) غالب ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَّآ أَفَآءَ ٱللَّهُ عَلَىٰ رَسُولِهِۦ مِنْ أَهْلِ ٱلْقُرَىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسُولِ وَلِذِى ٱلْقُرْبَىٰ وَٱلْيَتَٰمَىٰ وَٱلْمَسَٰكِينِ وَٱبْنِ ٱلسَّبِيلِ كَىْ لَا يَكُونَ دُولَةًۢ بَيْنَ ٱلْأَغْنِيَآءِ مِنكُمْ وَمَآ ءَاتَىٰكُمُ ٱلرَّسُولُ فَخُذُوهُ وَمَا نَهَىٰكُمْ عَنْهُ فَٱنتَهُوا۟ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ إِنَّ ٱللَّهَ شَدِيدُ ٱلْعِقَابِ
Taj Mehmood Amroti ڳوٺاڻن (جي مالن) مان جيڪي الله پنھنجي پيغمبر جي ھٿ ۾ ڏنو سو خاص الله لاءِ پيغمبر لاءِ ۽ (پيغمبر جي) مائٽن لاءِ ۽ ڇورن ٻارن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي (اِھو ھن لاءِ آھي) ته اُھو اوھان مان دنيا وارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ جيڪي پيغمبر اوھان کي ڏئي سو وٺو، ۽ جنھن کان اوھان کي جھلي تنھن کي ڇڏي ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِلْفُقَرَآءِ ٱلْمُهَٰجِرِينَ ٱلَّذِينَ أُخْرِجُوا۟ مِن دِيَٰرِهِمْ وَأَمْوَٰلِهِمْ يَبْتَغُونَ فَضْلًا مِّنَ ٱللَّهِ وَرِضْوَٰنًا وَيَنصُرُونَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥٓ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلصَّٰدِقُونَ
Taj Mehmood Amroti (۽ اُھو فَيءَ جو مال) انھن ھجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ (به) آھي جن کي سندن گھرن مان ۽ مالن مان ٻاھر ڪڍيو ويو جيڪي (پنھنجي) الله کان فضل ۽ سندس رضامندي طلبيندا آھن ۽ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي مدد ڏيندا آھن، اُھي ئي سچا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ تَبَوَّءُو ٱلدَّارَ وَٱلْإِيمَٰنَ مِن قَبْلِهِمْ يُحِبُّونَ مَنْ هَاجَرَ إِلَيْهِمْ وَلَا يَجِدُونَ فِى صُدُورِهِمْ حَاجَةً مِّمَّآ أُوتُوا۟ وَيُؤْثِرُونَ عَلَىٰٓ أَنفُسِهِمْ وَلَوْ كَانَ بِهِمْ خَصَاصَةٌ وَمَن يُوقَ شُحَّ نَفْسِهِۦ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (انھن لاءِ به آھي) جن دارالاسلام (يعني مديني) ۾ ۽ ايمان ۾ مُھاجرن کان اڳ گھر بڻايو جيڪو وٽن لڏي اچي تنھن کي دوست رکندا آھن ۽ جيڪي مھاجرن کي ڏنو ويو تنھن بابت پنھنجين دلين ۾ ڪا پريشاني نه لھندا آھن ۽ (ٻـين کي) پاڻ کان پسند ڪندا آھن توڻيڪ کين ڪو احتياج ھوندو آھي، ۽ جن کي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇٽڻ وارا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ جَآءُو مِنۢ بَعْدِهِمْ يَقُولُونَ رَبَّنَا ٱغْفِرْ لَنَا وَلِإِخْوَٰنِنَا ٱلَّذِينَ سَبَقُونَا بِٱلْإِيمَٰنِ وَلَا تَجْعَلْ فِى قُلُوبِنَا غِلًّا لِّلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ رَبَّنَآ إِنَّكَ رَءُوفٌ رَّحِيمٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اھو مال اُنھن لاءِ به آھي) جيڪي انھن (مھاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي بخش ۽ اسان جي (انھن) ڀائرن کي (به) جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن به نسبت اسان جي دلين ۾ ڪو ڪينو نه وجھ اي اسان جا پالڻھار بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مھربان آھين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ نَافَقُوا۟ يَقُولُونَ لِإِخْوَٰنِهِمُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِنْ أَهْلِ ٱلْكِتَٰبِ لَئِنْ أُخْرِجْتُمْ لَنَخْرُجَنَّ مَعَكُمْ وَلَا نُطِيعُ فِيكُمْ أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قُوتِلْتُمْ لَنَنصُرَنَّكُمْ وَٱللَّهُ يَشْهَدُ إِنَّهُمْ لَكَٰذِبُونَ
Taj Mehmood Amroti اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جيڪي منافق ٿيا جي پنھنجن انھن ڀائرن کي چوندا آھن جيڪي ڪتاب وارن مان مُنڪر آھن ته جيڪڏھن اوھان کي (وطن مان) تڙايو ويندو ته (به اسين) اوھان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوھان جي حق ۾ ڪڏھن به ڪنھن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏھن اوھان سان ويڙھ ڪئي ويندي ته اوھان جي ضرور مدد ڪنداسون، ۽ الله شاھدي ٿو ڏيئي ته بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَئِنْ أُخْرِجُوا۟ لَا يَخْرُجُونَ مَعَهُمْ وَلَئِن قُوتِلُوا۟ لَا يَنصُرُونَهُمْ وَلَئِن نَّصَرُوهُمْ لَيُوَلُّنَّ ٱلْأَدْبَٰرَ ثُمَّ لَا يُنصَرُونَ
Taj Mehmood Amroti جيڪڏھن تڙبُن ته (اُھي منافق) ساڻن (وطن مان) نه نڪرندا، ۽ جيڪڏھن اُنھن سان جنگ ڪبي ته کين مدد نه ڏيندا، پر جيڪڏھن (کڻي) مدد ڏيندا ته ضرور پٺيون ڦيرائيندا، وري کين مدد نه ملندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَأَنتُمْ أَشَدُّ رَهْبَةً فِى صُدُورِهِم مِّنَ ٱللَّهِ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُونَ
Taj Mehmood Amroti (اي مُسلمانؤ) بيشڪ اوھين انھن جي دلين ۾ الله کان (به) وڌيڪ دھشت وارا آھيو، اِھو ھِن ڪري آھي جو اُھي بي سمجھ قوم آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا يُقَٰتِلُونَكُمْ جَمِيعًا إِلَّا فِى قُرًى مُّحَصَّنَةٍ أَوْ مِن وَرَآءِ جُدُرٍۭ بَأْسُهُم بَيْنَهُمْ شَدِيدٌ تَحْسَبُهُمْ جَمِيعًا وَقُلُوبُهُمْ شَتَّىٰ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْقِلُونَ
Taj Mehmood Amroti (سڀ) ھڪ ھنڌ تي اوھان سان ويڙھ نه ڪندا پر قلعي واري (محڪم) ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي آڙ ۾، پاڻ ۾ انھن جي ويڙھ تمام سخت پيل آھي، کين گڏ ٿيندو ڀانئيندو آھي پر اُنھن جون دليون ڌار ڌار آھن، اھو ھن ڪري آھي جو اھي بي عقل قوم آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَمَثَلِ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ قَرِيبًا ذَاقُوا۟ وَبَالَ أَمْرِهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Taj Mehmood Amroti (سندن مثال) انھن جي مثال جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ويجھو (گذريل) ھوا (جن) پنھنجي ڪئي جي سزا چکي، ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَمَثَلِ ٱلشَّيْطَٰنِ إِذْ قَالَ لِلْإِنسَٰنِ ٱكْفُرْ فَلَمَّا كَفَرَ قَالَ إِنِّى بَرِىٓءٌ مِّنكَ إِنِّىٓ أَخَافُ ٱللَّهَ رَبَّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti (انھن جو مثال) شيطان جي مثال وانگر آھي جڏھن ماڻھوءَ کي چوندو آھي ته ڪافر ٿيءُ، پوءِ جنھن مھل ڪافر ٿيو (تنھن مھل ھو) چوندو آھي ته بيشڪ آءٌ توکان بيزار آھيان آءٌ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَكَانَ عَٰقِبَتَهُمَآ أَنَّهُمَا فِى ٱلنَّارِ خَٰلِدَيْنِ فِيهَا وَذَٰلِكَ جَزَٰٓؤُا۟ ٱلظَّٰلِمِينَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ ٻنھي جي پڇاڙي ھيئن ٿي ته ٻئي باھ ۾ ھميشه ھوندا، ۽ اھا ظالمن جي سزا آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَلْتَنظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ إِنَّ ٱللَّهَ خَبِيرٌۢ بِمَا تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جڳائي ته سڀڪو شخص سوچي ته سڀاڻي (قيامت) لاءِ ڇا اڳي موڪليو اٿس، ۽ الله کان ڊڄندا رھو، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت الله خبر رکندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا تَكُونُوا۟ كَٱلَّذِينَ نَسُوا۟ ٱللَّهَ فَأَنسَىٰهُمْ أَنفُسَهُمْ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْفَٰسِقُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ انھن جھڙا نه ٿيو جن الله کي وساريو پوءِ الله انھن کان سندن جيئن (جي سڌاري) کي وسارايو، اھي بي دين آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا يَسْتَوِىٓ أَصْحَٰبُ ٱلنَّارِ وَأَصْحَٰبُ ٱلْجَنَّةِ أَصْحَٰبُ ٱلْجَنَّةِ هُمُ ٱلْفَآئِزُونَ
Taj Mehmood Amroti دوزخي ۽ بھشتي برابر نه آھن، بھشتي ئي مُراد ماڻيندڙ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَوْ أَنزَلْنَا هَٰذَا ٱلْقُرْءَانَ عَلَىٰ جَبَلٍ لَّرَأَيْتَهُۥ خَٰشِعًا مُّتَصَدِّعًا مِّنْ خَشْيَةِ ٱللَّهِ وَتِلْكَ ٱلْأَمْثَٰلُ نَضْرِبُهَا لِلنَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti جيڪڏھن ھن قرآن کي ڪنھن جبل تي نازل ڪريون ھا ته ضرور ان کي الله جي خوف کان عاجز پرزا پرزا ٿيل ڏسين ھا، ۽ اھي مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته مانَ اُھي ڌيان ڪن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُوَ ٱللَّهُ ٱلَّذِى لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ عَٰلِمُ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَٰدَةِ هُوَ ٱلرَّحْمَٰنُ ٱلرَّحِيمُ
Taj Mehmood Amroti الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، (جو) ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، اُھو ٻاجھارو مھربان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُوَ ٱللَّهُ ٱلَّذِى لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ٱلْمَلِكُ ٱلْقُدُّوسُ ٱلسَّلَٰمُ ٱلْمُؤْمِنُ ٱلْمُهَيْمِنُ ٱلْعَزِيزُ ٱلْجَبَّارُ ٱلْمُتَكَبِّرُ سُبْحَٰنَ ٱللَّهِ عَمَّا يُشْرِكُونَ
Taj Mehmood Amroti الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، (جو) بادشاھ تمام پاڪ ذات (سڀني عيبن کان) سلامت امن ڏيڻ وارو نگھبان غالب زبردست وڏائي جو سائين آھين، انھن جي شريڪ مقرر ڪرڻ کان الله پاڪ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُوَ ٱللَّهُ ٱلْخَٰلِقُ ٱلْبَارِئُ ٱلْمُصَوِّرُ لَهُ ٱلْأَسْمَآءُ ٱلْحُسْنَىٰ يُسَبِّحُ لَهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Taj Mehmood Amroti اُھو الله خلقڻھار نئون بڻائيندڙ شڪليون ٺاھيندڙ آھي اُن جا (سڀ) چڱا نالا آھن، جيڪي (به) آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي (سڀ) سندس پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
→ سورة المجادلة
سورة الممتحنة ←
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→
Arabic text and translations via Tanzil and QuranEnc — verbatim, unmodified · Translations belong to their translators and are not the Qur'an itself
هي تحقيق جو مددگار آهي، فتويٰ جو ذريعو ناهي.