مُک صفحو › سورتون › سورة غافر
سورة غافر غافر
٨٥ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٦٠
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ حمٓ
Taj Mehmood Amroti حٰمٓ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَنزِيلُ ٱلْكِتَٰبِ مِنَ ٱللَّهِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْعَلِيمِ
Taj Mehmood Amroti (ھن) ڪتاب جو ھيٺ لاھڻ الله غالب ڄاڻندڙ وٽان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
غَافِرِ ٱلذَّنۢبِ وَقَابِلِ ٱلتَّوْبِ شَدِيدِ ٱلْعِقَابِ ذِى ٱلطَّوْلِ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ إِلَيْهِ ٱلْمَصِيرُ
Taj Mehmood Amroti جو گناھ بخشيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ سخت سزا ڏيندڙ سگھ وارو آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ڏانھس ورڻو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَا يُجَٰدِلُ فِىٓ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ إِلَّا ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فَلَا يَغْرُرْكَ تَقَلُّبُهُمْ فِى ٱلْبِلَٰدِ
Taj Mehmood Amroti ڪافرن کانسواءِ الله جي آيتن بابت (ٻيو) ڪوبه تڪرار نه ڪندو آھي پوءِ شھرن ۾ (واپار لاءِ) سندن اچ وڃ توکي نه ٺڳي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَٱلْأَحْزَابُ مِنۢ بَعْدِهِمْ وَهَمَّتْ كُلُّ أُمَّةٍۭ بِرَسُولِهِمْ لِيَأْخُذُوهُ وَجَٰدَلُوا۟ بِٱلْبَٰطِلِ لِيُدْحِضُوا۟ بِهِ ٱلْحَقَّ فَأَخَذْتُهُمْ فَكَيْفَ كَانَ عِقَابِ
Taj Mehmood Amroti کانئن اڳ نُوح جي قوم ۽ انھن پڄاڻا ٻـين (ڪيترين ئي) ٽولين ڪُوڙ ڄاتو، ۽ سڀڪنھن ٽوليءَ پنھنجن پيغمبر جو قصد ڪيو ته کيس پڪڙين ۽ اجاين (ڳالھين) سان جھيڙو ڪندا رھيا ته اُن سان سچيءَ ڳالھ کي ناس ڪن پوءِ کين ورتم، پوءِ منھنجي سزا (ڏيڻ) ڪيئن ھئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَذَٰلِكَ حَقَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ أَنَّهُمْ أَصْحَٰبُ ٱلنَّارِ
Taj Mehmood Amroti ۽ اھڙي طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو آھي ته اُھي دوزخي آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ يَحْمِلُونَ ٱلْعَرْشَ وَمَنْ حَوْلَهُۥ يُسَبِّحُونَ بِحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيُؤْمِنُونَ بِهِۦ وَيَسْتَغْفِرُونَ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ رَبَّنَا وَسِعْتَ كُلَّ شَىْءٍ رَّحْمَةً وَعِلْمًا فَٱغْفِرْ لِلَّذِينَ تَابُوا۟ وَٱتَّبَعُوا۟ سَبِيلَكَ وَقِهِمْ عَذَابَ ٱلْجَحِيمِ
Taj Mehmood Amroti جيڪي (ملائڪ) عرش کي کڻندا آھن ۽ جيڪي اُن جي چوڌاري آھن سي پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪندا آھن ۽ مٿس ايمان آڻيندا آھن ۽ مؤمن لاءِ بخشش گھرندا آھن، (چوندا آھن ته) اي اسان جا پالڻھار سڀڪنھن شيء کي پنھنجي ٻاجھ ۽ علم ۾ وڪوڙيو اٿيئي تنھنڪري جن توبه ڪئي ۽ تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪئي تن کي بخش ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
رَبَّنَا وَأَدْخِلْهُمْ جَنَّٰتِ عَدْنٍ ٱلَّتِى وَعَدتَّهُمْ وَمَن صَلَحَ مِنْ ءَابَآئِهِمْ وَأَزْوَٰجِهِمْ وَذُرِّيَّٰتِهِمْ إِنَّكَ أَنتَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Taj Mehmood Amroti اي اسان جا پالڻھار کين اُن ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر جن جو ساڻن وعدو ڪيو اٿيئي ۽ جيڪي سندن پين ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان سڌريل ھجي تنھن کي به (اُنھن باغن ۾ داخل ڪر)، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقِهِمُ ٱلسَّيِّـَٔاتِ وَمَن تَقِ ٱلسَّيِّـَٔاتِ يَوْمَئِذٍ فَقَدْ رَحِمْتَهُۥ وَذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
Taj Mehmood Amroti ۽ کين سختين کان بچاءِ، ۽ جنھن کي اُن ڏينھن ۾ سختين کان بچايئي تنھن تي بيشڪ رحم ڪيئي، ۽ اِھو (بچائڻ) وڏي مُراد ماڻڻ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ يُنَادَوْنَ لَمَقْتُ ٱللَّهِ أَكْبَرُ مِن مَّقْتِكُمْ أَنفُسَكُمْ إِذْ تُدْعَوْنَ إِلَى ٱلْإِيمَٰنِ فَتَكْفُرُونَ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ جن ڪُفر ڪيو تن کي سڏبو (۽ چئبو) ته الله جو (اوھان تي) ڏمرجڻ اوھان جي پاڻ تي (اڄ جي) ڏمرجڻ کان تمام وڏو آھي جڏھن جو اوھان کي (دنيا ۾) ايمان ڏانھن سڏبو ھو ۽ نه مڃيندا ھئو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوا۟ رَبَّنَآ أَمَتَّنَا ٱثْنَتَيْنِ وَأَحْيَيْتَنَا ٱثْنَتَيْنِ فَٱعْتَرَفْنَا بِذُنُوبِنَا فَهَلْ إِلَىٰ خُرُوجٍ مِّن سَبِيلٍ
Taj Mehmood Amroti چوندا ته اي اسانجا پالڻھار اسان کي ٻه ڀيرا ماريئي ۽ اسان کي ٻه ڀيرا جياريئي تنھنڪري (ھاڻي) پنھنجن گناھن کي (پاڻ) مڃيوسون پوءِ (ھاڻي) نڪرڻ جي ڪا واھ (ڪٿي) آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكُم بِأَنَّهُۥٓ إِذَا دُعِىَ ٱللَّهُ وَحْدَهُۥ كَفَرْتُمْ وَإِن يُشْرَكْ بِهِۦ تُؤْمِنُوا۟ فَٱلْحُكْمُ لِلَّهِ ٱلْعَلِىِّ ٱلْكَبِيرِ
Taj Mehmood Amroti (چئبن) اِھو (عذاب اوھان کي) انھيءَ ڪري آھي جو جڏھن (خاص) اڪيلي الله کي سڏبو ھو (تڏھن) اوھين انڪار ڪندا ھئو، ۽ جيڪڏھن ساڻس شريڪ ٺھرايو ويندو ھو ته (ان ڳالھ کي) مڃيندا ھئو، پوءِ (اڄ) تمام مٿاھين وڏي الله جو حڪم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُوَ ٱلَّذِى يُرِيكُمْ ءَايَٰتِهِۦ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ رِزْقًا وَمَا يَتَذَكَّرُ إِلَّا مَن يُنِيبُ
Taj Mehmood Amroti (الله) اُھو آھي جيڪو اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان مان اوھان لاءِ روزي نازل ڪندو آھي، ۽ نصيحت رڳو اُھو وٺندو جيڪو (خدا ڏانھن) موٽندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱدْعُوا۟ ٱللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ ٱلدِّينَ وَلَوْ كَرِهَ ٱلْكَٰفِرُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ الله لاءِ پنھنجي عبادت کي خالص ڪري اُن کي سڏيو جيتوڻيڪ ڪافر بڇان ڀانئين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
رَفِيعُ ٱلدَّرَجَٰتِ ذُو ٱلْعَرْشِ يُلْقِى ٱلرُّوحَ مِنْ أَمْرِهِۦ عَلَىٰ مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ لِيُنذِرَ يَوْمَ ٱلتَّلَاقِ
Taj Mehmood Amroti (اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو ۽ عرش جو صاحب آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي (تنھن تي) پنھنجي حڪم سان وحي موڪليندو آھي ته (اُھو ٻانھو ماڻھن کي الله جي) ملڻ جي ڏينھن کان ڊيڄاري.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ هُم بَٰرِزُونَ لَا يَخْفَىٰ عَلَى ٱللَّهِ مِنْهُمْ شَىْءٌ لِّمَنِ ٱلْمُلْكُ ٱلْيَوْمَ لِلَّهِ ٱلْوَٰحِدِ ٱلْقَهَّارِ
Taj Mehmood Amroti جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، انھن جي ڪابه شيء الله کان ڳُجھي نه رھندي، (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنھن جي بادشاھي آھي، (وري پاڻ چوندو) خاص اڪيلي غالب الله جي (بادشاھي) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلْيَوْمَ تُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ لَا ظُلْمَ ٱلْيَوْمَ إِنَّ ٱللَّهَ سَرِيعُ ٱلْحِسَابِ
Taj Mehmood Amroti اڄ سڀڪنھن جِيءَ کي اُنھي جو بدلو ڏبو جيڪو ڪمايو اٿس، اڄ ڪو ظلم ڪونھي، بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَنذِرْهُمْ يَوْمَ ٱلْـَٔازِفَةِ إِذِ ٱلْقُلُوبُ لَدَى ٱلْحَنَاجِرِ كَٰظِمِينَ مَا لِلظَّٰلِمِينَ مِنْ حَمِيمٍ وَلَا شَفِيعٍ يُطَاعُ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اي پيغمبر) کين قيامت جي ڏينھن (جي اُنھيءَ مھل) کان ڊيڄار جنھن مھل دليون نِڙ گھٽن کي ويجھو ٿينديون (اُھي) ڏک ڀريل ھوندا، (اُن ڏينھن) ظالمن جو ڪو دوست ۽ نه ڪو پارت ڪندڙ ھوندو جنھن جي ڳالھ مڃجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَعْلَمُ خَآئِنَةَ ٱلْأَعْيُنِ وَمَا تُخْفِى ٱلصُّدُورُ
Taj Mehmood Amroti اکين جي خيانت (واري نگاھ) ۽ جيڪي سينا لڪائيندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱللَّهُ يَقْضِى بِٱلْحَقِّ وَٱلَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِهِۦ لَا يَقْضُونَ بِشَىْءٍ إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْبَصِيرُ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله انصاف سان حُڪم ڪندو آھي، ۽ (منڪر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن سي ڪجھ به حُڪم نه ڪندا آھن، بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوَلَمْ يَسِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَيَنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلَّذِينَ كَانُوا۟ مِن قَبْلِهِمْ كَانُوا۟ هُمْ أَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَءَاثَارًا فِى ٱلْأَرْضِ فَأَخَذَهُمُ ٱللَّهُ بِذُنُوبِهِمْ وَمَا كَانَ لَهُم مِّنَ ٱللَّهِ مِن وَاقٍ
Taj Mehmood Amroti مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته (نھاري) ڏسن ته انھن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي جيڪي کانئن اڳ ھوا، اُھي کائن سگھ ۾ زمين تي نشانين (يعني محلاتن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا ھوا پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، ۽ الله (جي عذاب) کان اُنھن کي ڪو بچائيندڙ نه ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَانَت تَّأْتِيهِمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ فَكَفَرُوا۟ فَأَخَذَهُمُ ٱللَّهُ إِنَّهُۥ قَوِىٌّ شَدِيدُ ٱلْعِقَابِ
Taj Mehmood Amroti اِھا (سزا) ھن ڪري ھين جو سندن پيغمبر (پڌرن) مُعجزن سان وٽن آيا ٿي پوءِ انڪار ڪيائون تنھنڪري الله کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو سگھارو سخت سزا ڏيڻ وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِـَٔايَٰتِنَا وَسُلْطَٰنٍ مُّبِينٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن مُعجزن ۽ پڌريءَ حُجّت سان موڪليوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَهَٰمَٰنَ وَقَٰرُونَ فَقَالُوا۟ سَٰحِرٌ كَذَّابٌ
Taj Mehmood Amroti فرعون ۽ ھامان ۽ قارون ڏانھن پوءِ چيائون ته ڪُوڙو جادوگر آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمَّا جَآءَهُم بِٱلْحَقِّ مِنْ عِندِنَا قَالُوا۟ ٱقْتُلُوٓا۟ أَبْنَآءَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَعَهُۥ وَٱسْتَحْيُوا۟ نِسَآءَهُمْ وَمَا كَيْدُ ٱلْكَٰفِرِينَ إِلَّا فِى ضَلَٰلٍ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جنھن مھل اسان وٽان ھنن وٽ سچي (پيغام) سان آيو (تنھن مھل) چيائون ته جن مٿس ايمان آندو آھي تن جا پُٽ ڪُھو ۽ سندن ڌيئرون جيئرون ڇڏيو، ۽ ڪافرن جو فريب ته رڳو غلطيءَ ۾ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ فِرْعَوْنُ ذَرُونِىٓ أَقْتُلْ مُوسَىٰ وَلْيَدْعُ رَبَّهُۥٓ إِنِّىٓ أَخَافُ أَن يُبَدِّلَ دِينَكُمْ أَوْ أَن يُظْهِرَ فِى ٱلْأَرْضِ ٱلْفَسَادَ
Taj Mehmood Amroti ۽ فرعون (دربار وارن کي) چيو ته مون کي ڇڏيو ته موسىٰ کي ڪُھان ۽ ڀلي ته پنھنجي پالڻھار کي سڏي، بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان اوھان جو دين مٽائي يا مُلڪ ۾ فساد پيدا ڪري.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ مُوسَىٰٓ إِنِّى عُذْتُ بِرَبِّى وَرَبِّكُم مِّن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لَّا يُؤْمِنُ بِيَوْمِ ٱلْحِسَابِ
Taj Mehmood Amroti ۽ موسىٰ چيو ته بيشڪ مون سڀڪنھن ھٺيلي (جي لچائيءَ) کان جو حساب جي ڏينھن کي نه مڃيندو آھي پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ رَجُلٌ مُّؤْمِنٌ مِّنْ ءَالِ فِرْعَوْنَ يَكْتُمُ إِيمَٰنَهُۥٓ أَتَقْتُلُونَ رَجُلًا أَن يَقُولَ رَبِّىَ ٱللَّهُ وَقَدْ جَآءَكُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ مِن رَّبِّكُمْ وَإِن يَكُ كَٰذِبًا فَعَلَيْهِ كَذِبُهُۥ وَإِن يَكُ صَادِقًا يُصِبْكُم بَعْضُ ٱلَّذِى يَعِدُكُمْ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى مَنْ هُوَ مُسْرِفٌ كَذَّابٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ فرعون جي مائٽن مان ھڪ مؤمن مڙس جو پنھنجو ايمان لڪائيندو ھو (تنھن) چيو ته اھڙي مڙس کي ڪھو ٿا ڇا جو چوي ٿو ته منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽا) مُعجزا آندا اٿس، جيڪڏھن کڻي ڪوڙو ھجي ته سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس آھي، ۽ جيڪڏھن سچو ھوندو ته جيڪو وعدو اوھان سان ڪري ٿو تنھن مان ڪجھ اوھان کي ضرور پھچندو، ڇوته جيڪو حد کان لنگھندڙ ڪوڙو ھوندو تنھن کي الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰقَوْمِ لَكُمُ ٱلْمُلْكُ ٱلْيَوْمَ ظَٰهِرِينَ فِى ٱلْأَرْضِ فَمَن يَنصُرُنَا مِنۢ بَأْسِ ٱللَّهِ إِن جَآءَنَا قَالَ فِرْعَوْنُ مَآ أُرِيكُمْ إِلَّا مَآ أَرَىٰ وَمَآ أَهْدِيكُمْ إِلَّا سَبِيلَ ٱلرَّشَادِ
Taj Mehmood Amroti اي منھنجي قوم اڄ اوھان جي بادشاھي آھي مُلڪ ۾ (اوھين) غالب آھيو، جيڪڏھن (عذاب) اسان وٽ اچي ته الله جي عذاب کان (بچڻ لاءِ) اسان کي ڪير واھر ڏيندو؟ فرعون چيو ته جيڪا (چڱي مصلحت) ڏسان ٿو تنھن کانسواءِ (ٻي) اوھان کي نه ٿو ڏيکاريان ۽ اوھان کي سڌي رستي کانسواءِ (ٻيو رستو) نه ٿو ڏيکاريان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ ٱلَّذِىٓ ءَامَنَ يَٰقَوْمِ إِنِّىٓ أَخَافُ عَلَيْكُم مِّثْلَ يَوْمِ ٱلْأَحْزَابِ
Taj Mehmood Amroti ۽ جنھن ايمان آندو ھو تنھن چيو ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان تي اڳين ٽولين جھڙي (عذاب جي) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مِثْلَ دَأْبِ قَوْمِ نُوحٍ وَعَادٍ وَثَمُودَ وَٱلَّذِينَ مِنۢ بَعْدِهِمْ وَمَا ٱللَّهُ يُرِيدُ ظُلْمًا لِّلْعِبَادِ
Taj Mehmood Amroti جھڙو حال نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي کائن پوءِ ھوا تن جو (ٿيو ھو تھڙو متان ٿئي)، ۽ الله ٻانھن تي ظلم ڪرڻ نه گھرندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَٰقَوْمِ إِنِّىٓ أَخَافُ عَلَيْكُمْ يَوْمَ ٱلتَّنَادِ
Taj Mehmood Amroti ۽ اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان تي ھڪ ٻئي کي سڏڻ جي (انھيءَ) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ تُوَلُّونَ مُدْبِرِينَ مَا لَكُم مِّنَ ٱللَّهِ مِنْ عَاصِمٍ وَمَن يُضْلِلِ ٱللَّهُ فَمَا لَهُۥ مِنْ هَادٍ
Taj Mehmood Amroti جنھن ڏينھن اوھين پٺيرا ٿي ڀڄندؤ، الله کانسواءِ (ٻيو) اوھان کي ڪو بچائڻ وارو نه ھوندو، ۽ جنھن کي الله ڀُلائي ڇڏي تنھن کي ڪو سِڌو رستو ڏيکارڻ وارو ڪونھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ جَآءَكُمْ يُوسُفُ مِن قَبْلُ بِٱلْبَيِّنَٰتِ فَمَا زِلْتُمْ فِى شَكٍّ مِّمَّا جَآءَكُم بِهِۦ حَتَّىٰٓ إِذَا هَلَكَ قُلْتُمْ لَن يَبْعَثَ ٱللَّهُ مِنۢ بَعْدِهِۦ رَسُولًا كَذَٰلِكَ يُضِلُّ ٱللَّهُ مَنْ هُوَ مُسْرِفٌ مُّرْتَابٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ ھن کان اڳ اوھان وٽ يوسف مُعجزن سان آيو ھو پوءِ جيڪي اوھان وٽ آندائين تنھن کان (اوھين) ھميشه شڪ ۾ ھُئؤ، تان جو جڏھن مُئو (تڏھن) چيوَ ته اُن کان پوءِ (ٻيو) ڪو پيغمبر الله نه موڪليندو، اھڙي طرح جيڪو حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي تنھن کي الله ڀُلائيندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ يُجَٰدِلُونَ فِىٓ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ بِغَيْرِ سُلْطَٰنٍ أَتَىٰهُمْ كَبُرَ مَقْتًا عِندَ ٱللَّهِ وَعِندَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ كَذَٰلِكَ يَطْبَعُ ٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ قَلْبِ مُتَكَبِّرٍ جَبَّارٍ
Taj Mehmood Amroti اُنھن کي (ڀُلائيندو آھي) جيڪي الله جي نشانين بابت اھڙيءَ حُجّت ڌاران جا وٽن آئي ھجي جھڳڙو ڪندا آھن، (اھو سندن جھڳڙو ڪرڻ) الله وٽ ۽ مُؤمنن وٽ وڏي غضب جھڙي ڳالھ آھي، اھڙي طرح الله سڀڪنھن وڏائي ڪندڙ ھٺيلي جي دل تي مُھر ھڻندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ فِرْعَوْنُ يَٰهَٰمَٰنُ ٱبْنِ لِى صَرْحًا لَّعَلِّىٓ أَبْلُغُ ٱلْأَسْبَٰبَ
Taj Mehmood Amroti ۽ فرعون چيو ته اي ھامان مون لاءِ ھڪ ماڙي بڻاءِ ته مانَ (انھن) واٽن سان پھچان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَسْبَٰبَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلَىٰٓ إِلَٰهِ مُوسَىٰ وَإِنِّى لَأَظُنُّهُۥ كَٰذِبًا وَكَذَٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرْعَوْنَ سُوٓءُ عَمَلِهِۦ وَصُدَّ عَنِ ٱلسَّبِيلِ وَمَا كَيْدُ فِرْعَوْنَ إِلَّا فِى تَبَابٍ
Taj Mehmood Amroti آسمانن جي واٽن کي ته مُوسىٰ جي معبُود جي سڌ لھان ۽ بيشڪ آءٌ کيس ڪوڙو ڀائيندو آھيان، ۽ اھڙيءَ طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ سڌيءَ واٽ کان جھليو ويو، ۽ فرعون جو مڪر رُڳو خرابيءَ ۾ ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ ٱلَّذِىٓ ءَامَنَ يَٰقَوْمِ ٱتَّبِعُونِ أَهْدِكُمْ سَبِيلَ ٱلرَّشَادِ
Taj Mehmood Amroti ۽ جنھن ايمان آندو ھو تنھن چيو ته اي منھنجي قوم منھنجي تابعداري ڪريو ته (آءٌ) اوھان کي سڌي رستي لايان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰقَوْمِ إِنَّمَا هَٰذِهِ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا مَتَٰعٌ وَإِنَّ ٱلْـَٔاخِرَةَ هِىَ دَارُ ٱلْقَرَارِ
Taj Mehmood Amroti اي منھنجي قوم ھيءَ دنيا جي حياتي (ٿوري) وٿ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي، ۽ بيشڪ آخرت ئي سدائين رھڻ جو ھنڌ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَنْ عَمِلَ سَيِّئَةً فَلَا يُجْزَىٰٓ إِلَّا مِثْلَهَا وَمَنْ عَمِلَ صَٰلِحًا مِّن ذَكَرٍ أَوْ أُنثَىٰ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَأُو۟لَٰٓئِكَ يَدْخُلُونَ ٱلْجَنَّةَ يُرْزَقُونَ فِيهَا بِغَيْرِ حِسَابٍ
Taj Mehmood Amroti جنھن بد ڪم ڪيو تنھن کي رڳو اُھڙو بدلو ڏبو، ۽ جنھن چڱو ڪم ڪيو خواہ مڙس ھجي خواہ زال ۽ اُھو مؤمن به ھجي ته اُھي بھشت ۾ گھڙندا منجھس اڻ ڳڻي روزي ڏبين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَٰقَوْمِ مَا لِىٓ أَدْعُوكُمْ إِلَى ٱلنَّجَوٰةِ وَتَدْعُونَنِىٓ إِلَى ٱلنَّارِ
Taj Mehmood Amroti اي منھنجي قوم مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو (آءٌ) اوھان کي ڇوٽڪاري ڏانھن سڏيان ٿو ۽ (اوھين) مون کي باھ ڏانھن سڏيو ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَدْعُونَنِى لِأَكْفُرَ بِٱللَّهِ وَأُشْرِكَ بِهِۦ مَا لَيْسَ لِى بِهِۦ عِلْمٌ وَأَنَا۠ أَدْعُوكُمْ إِلَى ٱلْعَزِيزِ ٱلْغَفَّٰرِ
Taj Mehmood Amroti (اوھين) مون کي سڏيو ٿا ته الله جو انڪار ڪريان ۽ ساڻس اھڙي شيء شريڪ ٺھرايان جنھن (جي حقيقت) جي مون کي ڄاڻپ نه آھي، ۽ آءٌ اوھان کي غالب بخشڻھار ڏانھن سڏيان ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا جَرَمَ أَنَّمَا تَدْعُونَنِىٓ إِلَيْهِ لَيْسَ لَهُۥ دَعْوَةٌ فِى ٱلدُّنْيَا وَلَا فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنَآ إِلَى ٱللَّهِ وَأَنَّ ٱلْمُسْرِفِينَ هُمْ أَصْحَٰبُ ٱلنَّارِ
Taj Mehmood Amroti بلاشڪ اوھين مون کي اُنھيءَ ڏانھن سڏيو ٿا جنھن کي دنيا ۽ آخرت ۾ سڏڻ جو ڪو حق نه آھي ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏانھن آھي ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙ ئي دوزخي آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَسَتَذْكُرُونَ مَآ أَقُولُ لَكُمْ وَأُفَوِّضُ أَمْرِىٓ إِلَى ٱللَّهِ إِنَّ ٱللَّهَ بَصِيرٌۢ بِٱلْعِبَادِ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جيڪي اوھان کي چوان ٿو سو سگھو ياد ڪندؤ، ۽ (آءٌ) پنھنجو ڪم الله کي سونپيان ٿو، ڇو ته الله ٻانھن (جي حال) کي ڏسندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَوَقَىٰهُ ٱللَّهُ سَيِّـَٔاتِ مَا مَكَرُوا۟ وَحَاقَ بِـَٔالِ فِرْعَوْنَ سُوٓءُ ٱلْعَذَابِ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جيڪي ڦند سٽيائون تن جي بڇڙائيءَ کان الله کيس بچايو ۽ فرعون جي ماڻھن کي بڇڙي عذاب گھيريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلنَّارُ يُعْرَضُونَ عَلَيْهَا غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَوْمَ تَقُومُ ٱلسَّاعَةُ أَدْخِلُوٓا۟ ءَالَ فِرْعَوْنَ أَشَدَّ ٱلْعَذَابِ
Taj Mehmood Amroti جا باھ آھي جنھن تي صبح ۽ سانجھيءَ جو کين حاضر ڪبو آھي، ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي، (تنھن ڏينھن حُڪم ڪبو ته) فرعونين کي سخت عذاب ۾ گھيڙيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذْ يَتَحَآجُّونَ فِى ٱلنَّارِ فَيَقُولُ ٱلضُّعَفَٰٓؤُا۟ لِلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوٓا۟ إِنَّا كُنَّا لَكُمْ تَبَعًا فَهَلْ أَنتُم مُّغْنُونَ عَنَّا نَصِيبًا مِّنَ ٱلنَّارِ
Taj Mehmood Amroti ۽ (ياد ڪر) جڏھن باھ ۾ ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندا (تڏھن) ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته بيشڪ اسين اوھان جا تابعدار ھواسون تنھنڪري باھ (جي عذاب) مان ڪو حصّو اوھين اسان کان ٽارڻ وارا آھيو (يا نه)؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ ٱلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوٓا۟ إِنَّا كُلٌّ فِيهَآ إِنَّ ٱللَّهَ قَدْ حَكَمَ بَيْنَ ٱلْعِبَادِ
Taj Mehmood Amroti ھٺيلا چوندا ته بيشڪ اسين (پاڻ) سڀ منجھس (پيل) آھيون بيشڪ الله ٻانھن جي وچ ۾ نبيرو ڪري چڪو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ ٱلَّذِينَ فِى ٱلنَّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ٱدْعُوا۟ رَبَّكُمْ يُخَفِّفْ عَنَّا يَوْمًا مِّنَ ٱلْعَذَابِ
Taj Mehmood Amroti ۽ دوزخي دوزخ جي داروغن کي چوندا ته اوھين پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪريو ته اسان کان ھڪڙو ڏينھن ڪجھ عذاب ھلڪو ڪري.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوٓا۟ أَوَلَمْ تَكُ تَأْتِيكُمْ رُسُلُكُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ قَالُوا۟ بَلَىٰ قَالُوا۟ فَٱدْعُوا۟ وَمَا دُعَٰٓؤُا۟ ٱلْكَٰفِرِينَ إِلَّا فِى ضَلَٰلٍ
Taj Mehmood Amroti (داروغا) چوندا ته اوھان جا پيغمبر (پڌرن) معجزن سان اوھان وٽ نه ايندا ھوا ڇا؟ چوندا ته ھائو (ايندا ھوا)، (داروغا) چوندا ته پوءِ (اوھين) پاڻ پڪاريو، ۽ ڪافرن جو پڪارڻ رڳو گمراھي ۾ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا لَنَنصُرُ رُسُلَنَا وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَيَوْمَ يَقُومُ ٱلْأَشْهَٰدُ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ اسين پنھنجن پيغمبرن جي ۽ مؤمنن جي دنيا جي حياتيءَ ۾ ضرور مدد ڪنداسون ۽ جنھن ڏينھن شاھد کڙا ٿيندا (تنھن ڏينھن به مدد ڪنداسون).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ لَا يَنفَعُ ٱلظَّٰلِمِينَ مَعْذِرَتُهُمْ وَلَهُمُ ٱللَّعْنَةُ وَلَهُمْ سُوٓءُ ٱلدَّارِ
Taj Mehmood Amroti جنھن ڏينھن ظالمن کي سندن بھانو نفعو نه ڏيندو ۽ کين لعنت آھي ۽ انھن لاءِ (اُتي) بُڇڙي جاءِ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْهُدَىٰ وَأَوْرَثْنَا بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ ٱلْكِتَٰبَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ھدايت ڏني سون ۽ بني اسرائيلن کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُدًى وَذِكْرَىٰ لِأُو۟لِى ٱلْأَلْبَٰبِ
Taj Mehmood Amroti جو ڌيان وارن جي سمجھائڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱصْبِرْ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّ وَٱسْتَغْفِرْ لِذَنۢبِكَ وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ بِٱلْعَشِىِّ وَٱلْإِبْكَٰرِ
Taj Mehmood Amroti پوءِ (اي پيغمبر) صبر ڪر ڇوته الله جو وعدو سچّو آھي ۽ پنھنجي گناھ جي بخشش گھر ۽ صبح سانجھيءَ جو پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلَّذِينَ يُجَٰدِلُونَ فِىٓ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ بِغَيْرِ سُلْطَٰنٍ أَتَىٰهُمْ إِن فِى صُدُورِهِمْ إِلَّا كِبْرٌ مَّا هُم بِبَٰلِغِيهِ فَٱسْتَعِذْ بِٱللَّهِ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْبَصِيرُ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ جيڪي الله جي آيتن بابت (اُنھيءَ) حُجّت ڌاران جا وٽن آئي ھجي جھڳڙو ڪندا آھن تن جي سينن ۾ وڏائي (جي ارادي) کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي جنھن کي اُھي پُھچڻ وارا نه آھن، پوءِ الله جي پناھ گھر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَخَلْقُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ أَكْبَرُ مِنْ خَلْقِ ٱلنَّاسِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ماڻھن جي بڻاوت کان تمام وڏي آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا يَسْتَوِى ٱلْأَعْمَىٰ وَٱلْبَصِيرُ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ وَلَا ٱلْمُسِىٓءُ قَلِيلًا مَّا تَتَذَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ انڌو ۽ سڄو (پاڻ ۾) برابر نه آھي، ۽ (نڪي) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (سي) نڪي مدائي ڪرڻ وارو (برابر آھن)، اوھين ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلسَّاعَةَ لَـَٔاتِيَةٌ لَّا رَيْبَ فِيهَا وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يُؤْمِنُونَ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ قيامت ضرور اچڻي آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي، پر گھڻا ماڻھو ويساھ نه رکندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ رَبُّكُمُ ٱدْعُونِىٓ أَسْتَجِبْ لَكُمْ إِنَّ ٱلَّذِينَ يَسْتَكْبِرُونَ عَنْ عِبَادَتِى سَيَدْخُلُونَ جَهَنَّمَ دَاخِرِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ اوھان جو پالڻھار فرمائي ٿو ته اوھين مون کان دُعا گھرو ته اوھان جي دُعا قبول ڪريان، بيشڪ جيڪي منھنجي عبادت کان وڏائي ڪندا آھن سي خوار ٿي دوزخ ۾ سگھوئي گھڙندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱللَّهُ ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُمُ ٱلَّيْلَ لِتَسْكُنُوا۟ فِيهِ وَٱلنَّهَارَ مُبْصِرًا إِنَّ ٱللَّهَ لَذُو فَضْلٍ عَلَى ٱلنَّاسِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَشْكُرُونَ
Taj Mehmood Amroti الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي پيدا ڪيو ته منجھس آرام وٺو ۽ ڏينھن کي اوھان جي (ھڪ ٻئي کي) ڏسڻ لاءِ (پيدا ڪيو) بيشڪ الله ماڻھن تي فضل (ڪرڻ) وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكُمُ ٱللَّهُ رَبُّكُمْ خَٰلِقُ كُلِّ شَىْءٍ لَّآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ فَأَنَّىٰ تُؤْفَكُونَ
Taj Mehmood Amroti اھو الله اوھان جو پالڻھار ھر شيء کي خلقيندڙ آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَذَٰلِكَ يُؤْفَكُ ٱلَّذِينَ كَانُوا۟ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ يَجْحَدُونَ
Taj Mehmood Amroti اھڙي طرح اُھي (سئين واٽ کان) ڀُلائبا آھن جن الله جي آيتن جو انڪار ٿي ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱللَّهُ ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُمُ ٱلْأَرْضَ قَرَارًا وَٱلسَّمَآءَ بِنَآءً وَصَوَّرَكُمْ فَأَحْسَنَ صُوَرَكُمْ وَرَزَقَكُم مِّنَ ٱلطَّيِّبَٰتِ ذَٰلِكُمُ ٱللَّهُ رَبُّكُمْ فَتَبَارَكَ ٱللَّهُ رَبُّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ زمين کي آرام جو ھنڌ ۽ آسمان کي ڇت بڻايو ۽ اوھان جي شڪل ٺاھيائين پوءِ اوھان جون شڪليون تمام چڱيون بڻايائين ۽ اوھان کي سٺين سٺين شين مان روزي ڏنائين، اھو الله اوھان جو پالڻھار آھي، پوءِ جھانن جو پالڻھار وڏي برڪت وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُوَ ٱلْحَىُّ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ فَٱدْعُوهُ مُخْلِصِينَ لَهُ ٱلدِّينَ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti اُھو (سدائين) جيئرو آھي اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري اُن لاءِ (پنھنجي) عبادت کي خالص ڪري کيس سڏيو، سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ إِنِّى نُهِيتُ أَنْ أَعْبُدَ ٱلَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ لَمَّا جَآءَنِىَ ٱلْبَيِّنَٰتُ مِن رَّبِّى وَأُمِرْتُ أَنْ أُسْلِمَ لِرَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي (اوھين) سڏيندا آھيو تن جي پوڄڻ کان جڏھن منھنجي پالڻھار وٽان مون وٽ (صاف) نشانيون آيون (تڏھن اُنھيءَ وقت) بيشڪ آءٌ جھليو ويو آھيان ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جو فرمانبردار ھجان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُوَ ٱلَّذِى خَلَقَكُم مِّن تُرَابٍ ثُمَّ مِن نُّطْفَةٍ ثُمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُمَّ لِتَبْلُغُوٓا۟ أَشُدَّكُمْ ثُمَّ لِتَكُونُوا۟ شُيُوخًا وَمِنكُم مَّن يُتَوَفَّىٰ مِن قَبْلُ وَلِتَبْلُغُوٓا۟ أَجَلًا مُّسَمًّى وَلَعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ
Taj Mehmood Amroti (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري اوھان کي ٻار ڪري ڪڍي ٿو وري (ڇڏي ٿو) ته (اوھين) پنھنجي پوريءَ سگھ کي پُھچو وري (ڇڏي ٿو) ته ٻُڍڙا ٿيو، ۽ اوھان مان ڪنھن کي (اِن کان) اڳ ماربو آھي ۽ (ڇڏي ٿو) ته مُقرّر مدت کي پھچو ۽ مانَ اوھين سمجھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُوَ ٱلَّذِى يُحْىِۦ وَيُمِيتُ فَإِذَا قَضَىٰٓ أَمْرًا فَإِنَّمَا يَقُولُ لَهُۥ كُن فَيَكُونُ
Taj Mehmood Amroti (الله) اُھو آھي جيڪو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، پوءِ جڏھن ڪنھن ڪم جو حُڪم ڪندو آھي تڏھن اُن کي رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ يُجَٰدِلُونَ فِىٓ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ أَنَّىٰ يُصْرَفُونَ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا جيڪي الله جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن؟ (اُھي) ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِٱلْكِتَٰبِ وَبِمَآ أَرْسَلْنَا بِهِۦ رُسُلَنَا فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti جن ڪتاب کي ڪُوڙ ڄاتو ۽ جنھن (شي) سان پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون تنھن کي (به) سگھوئي ڄاڻندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذِ ٱلْأَغْلَٰلُ فِىٓ أَعْنَٰقِهِمْ وَٱلسَّلَٰسِلُ يُسْحَبُونَ
Taj Mehmood Amroti جڏھن سندن ڳِچين ۾ ڳَٽ ۽ زنجير (ھوندا)، اُھي گِھلبا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِى ٱلْحَمِيمِ ثُمَّ فِى ٱلنَّارِ يُسْجَرُونَ
Taj Mehmood Amroti ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾، وري باھ ۾ ٽچڪايا ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ قِيلَ لَهُمْ أَيْنَ مَا كُنتُمْ تُشْرِكُونَ
Taj Mehmood Amroti وري کين چئبو ته جيڪي اوھين شريڪ ٺھرائيندا ھيؤ سي ڪِٿي آھن؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مِن دُونِ ٱللَّهِ قَالُوا۟ ضَلُّوا۟ عَنَّا بَل لَّمْ نَكُن نَّدْعُوا۟ مِن قَبْلُ شَيْـًٔا كَذَٰلِكَ يُضِلُّ ٱللَّهُ ٱلْكَٰفِرِينَ
Taj Mehmood Amroti الله ڌاران (ٻيا) (اُھي) چوندا ته اسان (جي نظر) کان گُم ٿي ويا بلڪ ڪنھن شي کي اڳي نه پوڄيندا ھواسون، اھڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گُمراھ ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكُم بِمَا كُنتُمْ تَفْرَحُونَ فِى ٱلْأَرْضِ بِغَيْرِ ٱلْحَقِّ وَبِمَا كُنتُمْ تَمْرَحُونَ
Taj Mehmood Amroti اِھا (سزا) اِنھيءَ سببان آھي جو اوھين زمين ۾ ناحق خوشيءَ (سبب آڪڙ) ڪندا ھئو ۽ ھن سببان (به) جو اوھين لاڏ ڪندا ھئو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱدْخُلُوٓا۟ أَبْوَٰبَ جَهَنَّمَ خَٰلِدِينَ فِيهَا فَبِئْسَ مَثْوَى ٱلْمُتَكَبِّرِينَ
Taj Mehmood Amroti (ھاڻي) دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ (آھيو)، پوءِ (ڏسو ته دوزخ) ھٺيلن جي جاءِ بڇڙي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱصْبِرْ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّ فَإِمَّا نُرِيَنَّكَ بَعْضَ ٱلَّذِى نَعِدُهُمْ أَوْ نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَيْنَا يُرْجَعُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ (اي پيغمبر تون) صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو سچو آھي، تنھنڪري جيڪڏھن کين جيڪو انجام ڏيون ٿا تنھن مان ڪجھ توکي (دُنيا ۾) ڏيکاريون يا (عذاب جي ظاھر ٿيڻ کان اڳ) توکي ماريون ته (نيٺ) اسان ڏانھن موٽائبا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا رُسُلًا مِّن قَبْلِكَ مِنْهُم مَّن قَصَصْنَا عَلَيْكَ وَمِنْهُم مَّن لَّمْ نَقْصُصْ عَلَيْكَ وَمَا كَانَ لِرَسُولٍ أَن يَأْتِىَ بِـَٔايَةٍ إِلَّا بِإِذْنِ ٱللَّهِ فَإِذَا جَآءَ أَمْرُ ٱللَّهِ قُضِىَ بِٱلْحَقِّ وَخَسِرَ هُنَالِكَ ٱلْمُبْطِلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ توکان اڳ ڪيترائي پيغمبر موڪلياسون منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان ڪيوسون ۽ منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان نه ڪيوسون، ۽ ڪنھن به پيغمبر کي الله جي حُڪم کانسواءِ ڪو (به) مُعجزو آڻڻو نه ھو، پوءِ جڏھن الله جو حُڪم آيو تڏھن انصاف سان نبيرو ڪيو ويندو ۽ اُتي ڪوُڙن ڇيئو پاتو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱللَّهُ ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُمُ ٱلْأَنْعَٰمَ لِتَرْكَبُوا۟ مِنْهَا وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ
Taj Mehmood Amroti الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڍور پيدا ڪيا ته اُنھن مان ڪن تي چڙھو ۽ منجھائن ڪي کائيندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَكُمْ فِيهَا مَنَٰفِعُ وَلِتَبْلُغُوا۟ عَلَيْهَا حَاجَةً فِى صُدُورِكُمْ وَعَلَيْهَا وَعَلَى ٱلْفُلْكِ تُحْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ منجھن اوھان لاءِ (گھڻا) فائدا آھن ۽ ته مٿن چڙھي اُنھي مطلب کي پھچو جو اوھان جي دلين ۾ آھي ۽ مٿن ۽ ٻيڙين تي اوھان کي چاڙھبو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيُرِيكُمْ ءَايَٰتِهِۦ فَأَىَّ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ تُنكِرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (الله) اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي، پوءِ الله جي ڪھڙين (ڪھڙين) نشانين کان انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَلَمْ يَسِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَيَنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ كَانُوٓا۟ أَكْثَرَ مِنْهُمْ وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءَاثَارًا فِى ٱلْأَرْضِ فَمَآ أَغْنَىٰ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ جو نھارين ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، (جو) کائن گھڻا ھوا ۽ سگھ ۾ ۽ زمين تي نشانين ڪري (جي ڇڏي ويا) تمام ڏاڍا ھوا پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪمايائون تن کائن ڪجھ به نه ٽاريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمَّا جَآءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ فَرِحُوا۟ بِمَا عِندَهُم مِّنَ ٱلْعِلْمِ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جنھن مھل سندن پيغمبر مُعجزن سان وٽن آيا (تنھن مھل) جيڪو (دنيا ھلائڻ جو) عِلم وٽن ھو تنھن سببان خوش ٿيا ۽ جنھن (ڳالھ) تي ٺـٺوليون ڪندا ھوا تنھن (جي بڇڙائي) کين ويڙھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمَّا رَأَوْا۟ بَأْسَنَا قَالُوٓا۟ ءَامَنَّا بِٱللَّهِ وَحْدَهُۥ وَكَفَرْنَا بِمَا كُنَّا بِهِۦ مُشْرِكِينَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب ڏٺائون (تنھن مھل) چيائون ته اڪيلي الله تي ايمان آندوسون ۽ جنھن شي کي (ساڻس) شريڪ مقرر ڪندا ھواسون تنھنجا منڪر ٿياسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمْ يَكُ يَنفَعُهُمْ إِيمَٰنُهُمْ لَمَّا رَأَوْا۟ بَأْسَنَا سُنَّتَ ٱللَّهِ ٱلَّتِى قَدْ خَلَتْ فِى عِبَادِهِۦ وَخَسِرَ هُنَالِكَ ٱلْكَٰفِرُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جڏھن اسان جو عذاب ڏٺائون (تڏھن) سندن ايمان آڻڻ کين فائدو ڪڏھن نه ڏنو، (اھو) الله جو دستور آھي جو سندس ٻانھن ۾ ھليو ايندو آھي، اُن ھنڌ ڪافر ٽوٽي وارا ٿيا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
→ سورة الزمر
سورة فصلت ←
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→
Arabic text and translations via Tanzil and QuranEnc — verbatim, unmodified · Translations belong to their translators and are not the Qur'an itself
هي تحقيق جو مددگار آهي، فتويٰ جو ذريعو ناهي.