caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة النساء، آيت ٤٦

مدني · نزول جي ترتيب ٩٢ · 4:46

مِّنَ ٱلَّذِينَ هَادُوا۟ يُحَرِّفُونَ ٱلْكَلِمَ عَن مَّوَاضِعِهِۦ وَيَقُولُونَ سَمِعْنَا وَعَصَيْنَا وَٱسْمَعْ غَيْرَ مُسْمَعٍ وَرَٰعِنَا لَيًّۢا بِأَلْسِنَتِهِمْ وَطَعْنًا فِى ٱلدِّينِ وَلَوْ أَنَّهُمْ قَالُوا۟ سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا وَٱسْمَعْ وَٱنظُرْنَا لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ وَأَقْوَمَ وَلَٰكِن لَّعَنَهُمُ ٱللَّهُ بِكُفْرِهِمْ فَلَا يُؤْمِنُونَ إِلَّا قَلِيلًا

Taj Mehmood Amrotiيھودين مان ڪي (توريت ۾) لفظن کي سندن جاين کان مٽائيندا آھن ۽ سَمِعۡنَا وَ عَصَيۡنَا ۽ اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع ۽ رَاعِنَا (جي لفظن) کي (چوڻ وقت) پنھنجيون زبانون وچڙائي ۽ دين ۾ طعني ھڻڻ لاءِ چوندا آھن، ۽ جيڪڏھن (سَمِعۡنَا وَعَصَيۡنَا جي بجاءِ) سَمِعۡنَا وَاَطَعۡنَا (يعني ٻڌوسون ۽ فرمانبرداري ڪئيسون) ۽ (اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع جي ھنڌ) اِسۡمَعۡ (يعني ٻڌ) ۽ (رَاعِنَا لفظ جي بجاءِ لفظ) اُنۡظُرۡنَا (يعني اسان جو خيال رک) چون ھا ته اُنھن لاءِ ڀلو ۽ ڏاڍو سنئون ھجي ھا پر الله سندن ڪُفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) ايمان نه ٿا آڻين.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70