caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة المائدة، آيت ٥

مدني · نزول جي ترتيب ١١٢ · 5:5

ٱلْيَوْمَ أُحِلَّ لَكُمُ ٱلطَّيِّبَٰتُ وَطَعَامُ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ حِلٌّ لَّكُمْ وَطَعَامُكُمْ حِلٌّ لَّهُمْ وَٱلْمُحْصَنَٰتُ مِنَ ٱلْمُؤْمِنَٰتِ وَٱلْمُحْصَنَٰتُ مِنَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ مِن قَبْلِكُمْ إِذَآ ءَاتَيْتُمُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ مُحْصِنِينَ غَيْرَ مُسَٰفِحِينَ وَلَا مُتَّخِذِىٓ أَخْدَانٍ وَمَن يَكْفُرْ بِٱلْإِيمَٰنِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهُۥ وَهُوَ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ مِنَ ٱلْخَٰسِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiاڄ اوھان لاءِ سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، ۽ ڪتاب وارن جو طعام (به) اوھان لاءِ حلال آھي، ۽ اوھان جو طعام انھن لاءِ حلال آھي، ۽ (پڻ) پاڪدامن مؤمنياڻيون ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن مان پاڪدامن (عورتون) جڏھن پرڻو ڪندڙ نه زنا ڪندڙ ۽ نه ڳجھي آشنائي رکندڙ ٿي کين سندن ڪابين ڏيو (ته حلال ڪيون ويون)، ۽ جيڪو ايمان (يعني اُنھن حُڪمن مڃڻ) جو انڪار ڪندو تنھنجو ڪيو ڪمايو بيشڪ ناس ٿي ويو، ۽ اُھو آخرت ۾ ڇيئي وارن مان آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70