caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة البقرة، آيت ٢٣٥

مدني · نزول جي ترتيب ٨٧ · 2:235

وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ فِيمَا عَرَّضْتُم بِهِۦ مِنْ خِطْبَةِ ٱلنِّسَآءِ أَوْ أَكْنَنتُمْ فِىٓ أَنفُسِكُمْ عَلِمَ ٱللَّهُ أَنَّكُمْ سَتَذْكُرُونَهُنَّ وَلَٰكِن لَّا تُوَاعِدُوهُنَّ سِرًّا إِلَّآ أَن تَقُولُوا۟ قَوْلًا مَّعْرُوفًا وَلَا تَعْزِمُوا۟ عُقْدَةَ ٱلنِّكَاحِ حَتَّىٰ يَبْلُغَ ٱلْكِتَٰبُ أَجَلَهُۥ وَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ مَا فِىٓ أَنفُسِكُمْ فَٱحْذَرُوهُ وَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ حَلِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ زالن جي سڱ ڇڪائڻ بابت (عدت ۾) جيڪي آڇ ڪريو يا دلين ۾ لڪايو تنھن ۾ اوھان تي گناھ نه آھي، الله ڄاتو آھي اوھين اُنھن (زالن) کي سگھو ئي ياد ڪندؤ پر رواجيءَ طرح چئي چوڻ کانسواءِ کين ڳجھو انجام نه ڏيو، ۽ نڪي ايستائين نڪاح جي پڪي نيت ڪريو جيستائين عدت پنھنجيءَ مدت کي پھچي، ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي تنھنڪري کانئس ڊڄو، ۽ ڄاڻو ته الله بخشڻھار بُردبار آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70