وَذَرِ ٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ دِينَهُمْ لَعِبًا وَلَهْوًا وَغَرَّتْهُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا وَذَكِّرْ بِهِۦٓ أَن تُبْسَلَ نَفْسٌۢ بِمَا كَسَبَتْ لَيْسَ لَهَا مِن دُونِ ٱللَّهِ وَلِىٌّ وَلَا شَفِيعٌ وَإِن تَعْدِلْ كُلَّ عَدْلٍ لَّا يُؤْخَذْ مِنْهَآ أُو۟لَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ أُبْسِلُوا۟ بِمَا كَسَبُوا۟ لَهُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيمٍ وَعَذَابٌ أَلِيمٌۢ بِمَا كَانُوا۟ يَكْفُرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) جن پنھنجي دين کي راند ۽ تماشو بڻايو آھي ۽ کين دُنيا جي حياتيءَ ٺڳيو آھي تن کي ڇڏي ڏي ۽ قرآن سان نصيحت ڪر متان (قيامت جي ڏينھن) ڪوئي پنھنجي ڪئي جي سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي، الله کانسواءِ ان جو نڪو مددگار ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي، ۽ جيڪڏھن سڀڪا شيء عوض ڏيندو ته کانئس نه ورتو ويندو، اِھي اُھي آھن جو جيڪي ڪيائون تنھن سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي ويا، اُنھن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي مان پيڻ ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪندا ھوا.