caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الفتح، آيت ٢٥

مدني · نزول جي ترتيب ١١١ · 48:25

هُمُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَصَدُّوكُمْ عَنِ ٱلْمَسْجِدِ ٱلْحَرَامِ وَٱلْهَدْىَ مَعْكُوفًا أَن يَبْلُغَ مَحِلَّهُۥ وَلَوْلَا رِجَالٌ مُّؤْمِنُونَ وَنِسَآءٌ مُّؤْمِنَٰتٌ لَّمْ تَعْلَمُوهُمْ أَن تَطَـُٔوهُمْ فَتُصِيبَكُم مِّنْهُم مَّعَرَّةٌۢ بِغَيْرِ عِلْمٍ لِّيُدْخِلَ ٱللَّهُ فِى رَحْمَتِهِۦ مَن يَشَآءُ لَوْ تَزَيَّلُوا۟ لَعَذَّبْنَا ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِنْهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا

Taj Mehmood Amrotiاِھي اُھي آھن جن انڪار ڪيو ۽ اوھان کي تعظيم واري مسجد کان جھليو ۽ قرباني کي به جو پنھنجي جاءِ تي پھچڻ کان روڪيل رھي، ۽ جيڪڏھن (اھڙا ڪي) مڙس مؤمن ۽ (ڪي) زالون مؤمنياڻيون (مڪي ۾) نه ھجن ھا جن کي اوھان نه ڄاڻندا آھيو ته (متان) کين لتاڙي ڇڏيو پوءِ بي خبريءَ ۾ انھن جو اوھان کي گناھ پھچي (ته ھاڻي ئي فتح ٿئي ھا)، جنھن کي الله گھري پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪري، جيڪڏھن (ٻئي ٽوليون) ڌار ھجن ھا ته ضرور مڪي وارن مان ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ڪريون ھا.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70