لَا يُكَلِّفُ ٱللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا لَهَا مَا كَسَبَتْ وَعَلَيْهَا مَا ٱكْتَسَبَتْ رَبَّنَا لَا تُؤَاخِذْنَآ إِن نَّسِينَآ أَوْ أَخْطَأْنَا رَبَّنَا وَلَا تَحْمِلْ عَلَيْنَآ إِصْرًا كَمَا حَمَلْتَهُۥ عَلَى ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِنَا رَبَّنَا وَلَا تُحَمِّلْنَا مَا لَا طَاقَةَ لَنَا بِهِۦ وَٱعْفُ عَنَّا وَٱغْفِرْ لَنَا وَٱرْحَمْنَآ أَنتَ مَوْلَىٰنَا فَٱنصُرْنَا عَلَى ٱلْقَوْمِ ٱلْكَٰفِرِينَ
Taj Mehmood Amrotiالله ڪنھن کي سندس وس ڌاران تڪليف نه ڏيندو آھي، جيڪي (چڱو) ڪمايائين سو سندس (فائدي) لاءِ آھي ۽ جيڪي (بڇڙو) ڪمايائين سو مٿس آھي، اي اسان جا پالڻھار جيڪڏھن وساريون يا چوڪ ڪريون ته اسان کي نه پڪڙ، ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان تي اھڙو بار نه رک جھڙو اسان کان اڳين تي رکيو ھيئي، ۽ اي اسان جا پالڻھار (جنھن بار) جي کڻڻ جي اسان کي سگھ ڪانھي سو اسان تي نه رک، ۽ اسان کي معاف ڪر، ۽ اسان کي بخش، ۽ اسان تي مِھر ڪر، تون اسان جو سائين آھين تنھنڪري اسان کي ڪافر ٽوليءَ تي سوڀ ڏي.