فَهَزَمُوهُم بِإِذْنِ ٱللَّهِ وَقَتَلَ دَاوُۥدُ جَالُوتَ وَءَاتَىٰهُ ٱللَّهُ ٱلْمُلْكَ وَٱلْحِكْمَةَ وَعَلَّمَهُۥ مِمَّا يَشَآءُ وَلَوْلَا دَفْعُ ٱللَّهِ ٱلنَّاسَ بَعْضَهُم بِبَعْضٍ لَّفَسَدَتِ ٱلْأَرْضُ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ ذُو فَضْلٍ عَلَى ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله جي حُڪم سان کين ڀڄايائون، ۽ دائُود جالُوت کي ڪُٺو ۽ الله اُن (دائُود) کي بادشاھي ۽ حِڪمت ڏِني ۽ جيڪي اُن لاءِ گھريائين سو سيکاريائين، ۽ جيڪڏھن الله جو ٽارڻ ھڪڙن ماڻھن سان ٻـين کي نه ھُجي ھا ته زمين ضرور خراب ٿئي ھا پر الله جھان (وارن) تي ڀلائي ڪرڻ وارو آھي.