caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الرعد، آيت ٣١

مدني · نزول جي ترتيب ٩٦ · 13:31

وَلَوْ أَنَّ قُرْءَانًا سُيِّرَتْ بِهِ ٱلْجِبَالُ أَوْ قُطِّعَتْ بِهِ ٱلْأَرْضُ أَوْ كُلِّمَ بِهِ ٱلْمَوْتَىٰ بَل لِّلَّهِ ٱلْأَمْرُ جَمِيعًا أَفَلَمْ يَا۟يْـَٔسِ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَن لَّوْ يَشَآءُ ٱللَّهُ لَهَدَى ٱلنَّاسَ جَمِيعًا وَلَا يَزَالُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ تُصِيبُهُم بِمَا صَنَعُوا۟ قَارِعَةٌ أَوْ تَحُلُّ قَرِيبًا مِّن دَارِهِمْ حَتَّىٰ يَأْتِىَ وَعْدُ ٱللَّهِ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُخْلِفُ ٱلْمِيعَادَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن سچ پچ قرآن اھڙو ھجي ھا جو اُن سان جبل ھلائجن ھا يا اُن سان زمين ٽڪر ٽڪر ڪجي ھا يا اُن سان مئلن کي ڳالھرائجي ھا (ته به اُھي ايمان نه آڻين ھا) بلڪ سڀ ڪم الله جي وس ۾ آھن، اڃا مؤمنن نه ڄاتو آھي ڇا ته جيڪڏھن الله گھُري ھا ته سڀني ماڻھن کي ھدايت ڪري ھا، ۽ ڪافرن کي سندن ڪرتوتن سببان سدائين سزا پھچندي آھي يا ايستائين سندن گھرن جي آس پاس پئي پھچندي جيسين الله جو انجام ايندو، بيشڪ الله پنھنجي انجام کي نه ڦيرائيندو آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70