وَلَقَدْ جِئْتُمُونَا فُرَٰدَىٰ كَمَا خَلَقْنَٰكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكْتُم مَّا خَوَّلْنَٰكُمْ وَرَآءَ ظُهُورِكُمْ وَمَا نَرَىٰ مَعَكُمْ شُفَعَآءَكُمُ ٱلَّذِينَ زَعَمْتُمْ أَنَّهُمْ فِيكُمْ شُرَكَٰٓؤُا۟ لَقَد تَّقَطَّعَ بَيْنَكُمْ وَضَلَّ عَنكُم مَّا كُنتُمْ تَزْعُمُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اسان وٽ (ائين) ھڪ ھڪ ٿي آيؤ جئن اوھان کي پھرين ڀيري پيدا ڪيو ھوسون ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيو ھوسون سو اوھان پنھنجين پٺين پوءِ تان ڇڏي ڏنو، ۽ اوھان جا سفارش ڪندڙ اوھان سان نه ٿا ڏسون جن کي اوھين پنھنجن (احتياجن پوري ڪرڻ) ۾ (الله سان) شريڪ ڀائيندا ھيؤ، بيشڪ اوھان جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڇنو ۽ جن کي اوھين ڀائيندا ھيؤ سي اوھان کان ڀُلجي ويا.