وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا أَوْ قَالَ أُوحِىَ إِلَىَّ وَلَمْ يُوحَ إِلَيْهِ شَىْءٌ وَمَن قَالَ سَأُنزِلُ مِثْلَ مَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ وَلَوْ تَرَىٰٓ إِذِ ٱلظَّٰلِمُونَ فِى غَمَرَٰتِ ٱلْمَوْتِ وَٱلْمَلَٰٓئِكَةُ بَاسِطُوٓا۟ أَيْدِيهِمْ أَخْرِجُوٓا۟ أَنفُسَكُمُ ٱلْيَوْمَ تُجْزَوْنَ عَذَابَ ٱلْهُونِ بِمَا كُنتُمْ تَقُولُونَ عَلَى ٱللَّهِ غَيْرَ ٱلْحَقِّ وَكُنتُمْ عَنْ ءَايَٰتِهِۦ تَسْتَكْبِرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا چوي ته مون ڏانھن وحي ڪيو ويو آھي ۽ ڏانھنس ڪُجھ به وحي نه ڪيو ويو ھجي يا چوي ته جئن الله (ڪتاب) نازل ڪيو آھي تئن آءٌ (به) ڪتاب نازل ڪندس، ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڏسين (ته جيڪر عجب لڳيئي) جڏھن ظالم موت جي سڪراتين ۾ ھوندا ۽ ملائڪ پنھنجن ھٿن کي ڊگھو ڪندا، (۽ چوندا ته) پنھنجن ساھن کي ٻاھر ڪڍو، اڄ اوھان کي خواري واري عذاب جي سزا انھيءَ سببان ڏني ويندي جو اوھين الله تي ناحق چوندا ھيؤ ۽ سندس آيتن کان وڏائي ڪندا ھيؤ.