وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ جَمِيعًا يَٰمَعْشَرَ ٱلْجِنِّ قَدِ ٱسْتَكْثَرْتُم مِّنَ ٱلْإِنسِ وَقَالَ أَوْلِيَآؤُهُم مِّنَ ٱلْإِنسِ رَبَّنَا ٱسْتَمْتَعَ بَعْضُنَا بِبَعْضٍ وَبَلَغْنَآ أَجَلَنَا ٱلَّذِىٓ أَجَّلْتَ لَنَا قَالَ ٱلنَّارُ مَثْوَىٰكُمْ خَٰلِدِينَ فِيهَآ إِلَّا مَا شَآءَ ٱللَّهُ إِنَّ رَبَّكَ حَكِيمٌ عَلِيمٌ
Taj Mehmood Amroti۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو، (چوندو) ته اي جنن جون ٽوليون بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجا (تابع) ڪيا ھيوَ، ۽ ماڻھن مان سندن سنگتي چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان منجھان ھڪڙن ٻـين کان فائدو ورتو ۽ انھي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کي پُھتاسون جيڪا تون اسان لاءِ ٺھرائي، ھيءُ (الله) چوندو ته اوھان جو رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي ان ۾ ھميشہ رھڻ وارا ھوندؤ مگر جيڪي خُدا گھريو، ڇوته تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.