caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة المائدة، آيت ٢

مدني · نزول جي ترتيب ١١٢ · 5:2

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تُحِلُّوا۟ شَعَٰٓئِرَ ٱللَّهِ وَلَا ٱلشَّهْرَ ٱلْحَرَامَ وَلَا ٱلْهَدْىَ وَلَا ٱلْقَلَٰٓئِدَ وَلَآ ءَآمِّينَ ٱلْبَيْتَ ٱلْحَرَامَ يَبْتَغُونَ فَضْلًا مِّن رَّبِّهِمْ وَرِضْوَٰنًا وَإِذَا حَلَلْتُمْ فَٱصْطَادُوا۟ وَلَا يَجْرِمَنَّكُمْ شَنَـَٔانُ قَوْمٍ أَن صَدُّوكُمْ عَنِ ٱلْمَسْجِدِ ٱلْحَرَامِ أَن تَعْتَدُوا۟ وَتَعَاوَنُوا۟ عَلَى ٱلْبِرِّ وَٱلتَّقْوَىٰ وَلَا تَعَاوَنُوا۟ عَلَى ٱلْإِثْمِ وَٱلْعُدْوَٰنِ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ إِنَّ ٱللَّهَ شَدِيدُ ٱلْعِقَابِ

Taj Mehmood Amrotiاي ايمان وارؤ الله جي عبادت جي نشانين جي بي تعظيمي نه ڪريو ۽ نڪي تعظيم واري مھيني ۾ ۽ نڪي (ڪعبه ڏانھن موڪليل) قربانيءَ (جي جانور) جي ۽ نڪي قلائد (الله لاءِ نذر ڪيل جانورن جي ڳچين ۾ ٻڌل ڳانن) جي ۽ نڪي تعظيم واري گھر (بيت الله) ڏانھن ويندڙن جي جيڪي پنھنجي پالڻھار جو فضل ۽ رضامندي گھرندڙ آھن، ۽ جڏھن اوھين احرام کوليو تڏھن (ڀَلي) شڪار ڪريو، ۽ اوھان کي انھن ماڻھن جي دشمني جن اوھان کي تعظيم واري مسجد کان جھليو ھن ڳالھ جو سبب نه ٿئي جو (اوھين) حد کان لنگھو، ۽ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ تي پاڻ ۾ مدد ڏيو، ۽ گناہ ۽ حد کان لنگھڻ تي ھڪ ٻئي کي مدد نه ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70