يَٰٓأَهْلَ ٱلْكِتَٰبِ قَدْ جَآءَكُمْ رَسُولُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ عَلَىٰ فَتْرَةٍ مِّنَ ٱلرُّسُلِ أَن تَقُولُوا۟ مَا جَآءَنَا مِنۢ بَشِيرٍ وَلَا نَذِيرٍ فَقَدْ جَآءَكُم بَشِيرٌ وَنَذِيرٌ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
Taj Mehmood Amrotiاي ڪتاب وارؤ بيشڪ اوھان وٽ اسان جو پيغمبر اھڙي وقت ۾ آيو جو (ڪجھ وقت تائين) پيغمبرن جو اچڻ بند ٿي چڪو ھو اوھان تي بيان ٿو ڪري متان چئو ته نڪو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ اسان وٽ آيو، (ھائو) انھي ڪري بيشڪ اوھان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.