caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة البقرة، آيت ٢٤٩

مدني · نزول جي ترتيب ٨٧ · 2:249

فَلَمَّا فَصَلَ طَالُوتُ بِٱلْجُنُودِ قَالَ إِنَّ ٱللَّهَ مُبْتَلِيكُم بِنَهَرٍ فَمَن شَرِبَ مِنْهُ فَلَيْسَ مِنِّى وَمَن لَّمْ يَطْعَمْهُ فَإِنَّهُۥ مِنِّىٓ إِلَّا مَنِ ٱغْتَرَفَ غُرْفَةًۢ بِيَدِهِۦ فَشَرِبُوا۟ مِنْهُ إِلَّا قَلِيلًا مِّنْهُمْ فَلَمَّا جَاوَزَهُۥ هُوَ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَعَهُۥ قَالُوا۟ لَا طَاقَةَ لَنَا ٱلْيَوْمَ بِجَالُوتَ وَجُنُودِهِۦ قَالَ ٱلَّذِينَ يَظُنُّونَ أَنَّهُم مُّلَٰقُوا۟ ٱللَّهِ كَم مِّن فِئَةٍ قَلِيلَةٍ غَلَبَتْ فِئَةً كَثِيرَةًۢ بِإِذْنِ ٱللَّهِ وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّٰبِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن طالُوت لشڪر سوڌو نڪتو (تڏھن لشڪر کي) چيائين ته الله نديءَ جي پاڻيءَ سان توھان کي پرکيندڙ آھي، پوءِ جيڪو منجھانئس پيئندو سو منھنجو نه آھي، ۽ جيڪو منجھانئس نه چکندو سواءِ ھِن جي جو پنھنجي ھٿ سان لَپ ڀري (پيئي) سو بيشڪ مُنھنجو آھي. پوءِ منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (سڀني) اُن مان پيتو، پوءِ جنھن مھل اُھو (طالوت) ۽ سندس سنگتي مُؤمن اُن (نديءَ) کان لنگھيا (تنھن مھل پيئندڙن) چيو ته اَڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان (وڙھڻ جي) سگھ نه آھي، (۽ تنھن مھل) جيڪي پڪو ڀروسو رکندا هُئا ته اُھي الله کي ملندا تن چيو ته ڪيتريون ٿوريون ٽوليون گھڻن ٽولين تي الله جي حُڪم سان غالب ٿي ويون آھن، ۽ الله صابرن ساڻ آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70