caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الأنعام، آيت ٩١

مڪي · نزول جي ترتيب ٥٥ · 6:91

وَمَا قَدَرُوا۟ ٱللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِۦٓ إِذْ قَالُوا۟ مَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ عَلَىٰ بَشَرٍ مِّن شَىْءٍ قُلْ مَنْ أَنزَلَ ٱلْكِتَٰبَ ٱلَّذِى جَآءَ بِهِۦ مُوسَىٰ نُورًا وَهُدًى لِّلنَّاسِ تَجْعَلُونَهُۥ قَرَاطِيسَ تُبْدُونَهَا وَتُخْفُونَ كَثِيرًا وَعُلِّمْتُم مَّا لَمْ تَعْلَمُوٓا۟ أَنتُمْ وَلَآ ءَابَآؤُكُمْ قُلِ ٱللَّهُ ثُمَّ ذَرْهُمْ فِى خَوْضِهِمْ يَلْعَبُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُنھن (يھودين) الله جو سندس شان مطابق قدر نه ڪيو ھن ڪري جو چيائون ته الله ڪنھن ماڻھوءَ تي ڪُجھ نه لاٿو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڪتاب ڪنھن لاٿو جيڪو موسىٰ آندو ھو؟ جو ماڻھن لاءِ نُور ۽ ھدايت ھو جنھن کي اوھين جزون جزون ڪريو ٿا اُن جي ڪنھن ڀاڱي کي پڌرو ڪندا آھيو ۽ گھڻو لڪائيندا آھيو، ۽ جيڪي (ڳالھيون) نڪي اوھين ۽ نڪي اوھان جا پيءُ ڏاڏا ڄاڻندا ھئا سي اوھان کي سيکاريون ويون، چؤ ته الله (ڪتاب لاٿو آھي) وري انھن کي سندن اجائي بحث ۾ راند ڪندو ڇڏي ڏي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70