فَتَرَى ٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ يُسَٰرِعُونَ فِيهِمْ يَقُولُونَ نَخْشَىٰٓ أَن تُصِيبَنَا دَآئِرَةٌ فَعَسَى ٱللَّهُ أَن يَأْتِىَ بِٱلْفَتْحِ أَوْ أَمْرٍ مِّنْ عِندِهِۦ فَيُصْبِحُوا۟ عَلَىٰ مَآ أَسَرُّوا۟ فِىٓ أَنفُسِهِمْ نَٰدِمِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي تن کي ڏسين ٿو اُنھن (يھودين ۽ نصارن جي دوستيءَ) ۾ ڊوڙندا ويندا آھن چوندا آھن ته پاڻ تي زماني جي ڦيري پُھچڻ کان ڊڄون ٿا، پوءِ ستت ئي الله فتح يا ٻيو حُڪم پاڻ وٽان موڪليندو پوءِ پنھنجي دلين ۾ جيڪي لڪائيندا آھن تنھن تي پشيمان ٿيندا.