إِذْ تُصْعِدُونَ وَلَا تَلْوُۥنَ عَلَىٰٓ أَحَدٍ وَٱلرَّسُولُ يَدْعُوكُمْ فِىٓ أُخْرَىٰكُمْ فَأَثَٰبَكُمْ غَمًّۢا بِغَمٍّ لِّكَيْلَا تَحْزَنُوا۟ عَلَىٰ مَا فَاتَكُمْ وَلَا مَآ أَصَٰبَكُمْ وَٱللَّهُ خَبِيرٌۢ بِمَا تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amrotiجڏھن اوھين پري ٿي ڀَڳؤ ۽ ڪنھن ھڪ تي (ڪنڌ ڦيري) نه ٿي واجھايوَ ۽ پيغمبر اوھان کي اوھان جي پُٺيان سڏيندو رھيو پوءِ (خداءِ) اوھان کي ڏک تي ڏک جو بدلو ڏنو (اِھو) ھن لاءِ ته جيڪي اوھان کان ٿي ويو نڪي تنھن تي ۽ جيڪي اوھان کي پھتو نڪي تنھن تي غمگين ٿيو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.