وَلَقَدْ صَدَقَكُمُ ٱللَّهُ وَعْدَهُۥٓ إِذْ تَحُسُّونَهُم بِإِذْنِهِۦ حَتَّىٰٓ إِذَا فَشِلْتُمْ وَتَنَٰزَعْتُمْ فِى ٱلْأَمْرِ وَعَصَيْتُم مِّنۢ بَعْدِ مَآ أَرَىٰكُم مَّا تُحِبُّونَ مِنكُم مَّن يُرِيدُ ٱلدُّنْيَا وَمِنكُم مَّن يُرِيدُ ٱلْـَٔاخِرَةَ ثُمَّ صَرَفَكُمْ عَنْهُمْ لِيَبْتَلِيَكُمْ وَلَقَدْ عَفَا عَنكُمْ وَٱللَّهُ ذُو فَضْلٍ عَلَى ٱلْمُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ الله اوھان سان پنھنجو وعدو سچو ڪيو آھي جڏھن ته اُنھن (ڪافرن) کي ايستائين سندس حُڪم سان ڪُٺوَ، جيستائين بي ھمت ٿيؤ ۽ ڪم (پوري ڪرڻ) ۾ تڪرار ڪيوَ ۽ جيڪي دوست رکندا ھيؤ سو اوھان کي ڏيکاريائين تنھن کانپوءِ بي فرماني ڪيوَ، اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو دُنيا کي گھرندو آھي ۽ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو آخرت کي گھرندو آھي، وري اوھان کي اُنھن کان ھن لاءِ ڦيرايائين ته اوھان کي پرکي، ۽ بيشڪ اوھان کي معافي ڏنائين، ۽ الله مؤمنن تي فضل ڪرڻ وارو آھي.