أَوْ كَظُلُمَٰتٍ فِى بَحْرٍ لُّجِّىٍّ يَغْشَىٰهُ مَوْجٌ مِّن فَوْقِهِۦ مَوْجٌ مِّن فَوْقِهِۦ سَحَابٌ ظُلُمَٰتٌۢ بَعْضُهَا فَوْقَ بَعْضٍ إِذَآ أَخْرَجَ يَدَهُۥ لَمْ يَكَدْ يَرَىٰهَا وَمَن لَّمْ يَجْعَلِ ٱللَّهُ لَهُۥ نُورًا فَمَا لَهُۥ مِن نُّورٍ
Taj Mehmood Amrotiيا (ڪافر جي عملن جو مثال) اونداھين وانگر آھي جو اُونھيءَ درياءَ ۾ لھر جي مٿان لھر ويڙھيس مٿانئس جھُڙ ھُجي، ھڪ ٻئي جي مٿان (اُھي) اونداھيون ھُجن، جڏھن پنھنجو ھٿ ڪڍي (تڏھن) اُن کي ڏسي نه سگھي، ۽ جنھن کي الله سوجھرو نه ڏنو تنھن کي ڪو سوجھرو ڪونھي.