caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة البقرة، آيت ٢٣١

مدني · نزول جي ترتيب ٨٧ · 2:231

وَإِذَا طَلَّقْتُمُ ٱلنِّسَآءَ فَبَلَغْنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمْسِكُوهُنَّ بِمَعْرُوفٍ أَوْ سَرِّحُوهُنَّ بِمَعْرُوفٍ وَلَا تُمْسِكُوهُنَّ ضِرَارًا لِّتَعْتَدُوا۟ وَمَن يَفْعَلْ ذَٰلِكَ فَقَدْ ظَلَمَ نَفْسَهُۥ وَلَا تَتَّخِذُوٓا۟ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ هُزُوًا وَٱذْكُرُوا۟ نِعْمَتَ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ وَمَآ أَنزَلَ عَلَيْكُم مِّنَ ٱلْكِتَٰبِ وَٱلْحِكْمَةِ يَعِظُكُم بِهِۦ وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن زالن کي (ٻه ڀيرا) طلاق ڏيو پوءِ اُھي پنھنجي (عدت جي) مدي کي (اچي) پھچڻ لڳن ته (تڏھن يا) اُنھن کي چڱيءَ ريت سان رکو يا اُنھن کي چڱيءَ ريت سان ڇڏيو، ۽ ڏکوئڻ لاءِ کين نه جھليو نه زيادتي ڪريو، ۽ جيڪو ائين ڪندو تنھن بيشڪ پاڻ تي ظلم ڪيو، ۽ الله جي حُڪمن کي ٺـٺوليون ڪري نه وٺو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ جيڪي اوھان تي ڪتاب ۽ دانائيءَ مان لاٿائين جنھن سان اوھان کي نصيحت ڏيندو آھي (اُھو احسان به ياد ڪريو)، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70