قُل لَّآ أَقُولُ لَكُمْ عِندِى خَزَآئِنُ ٱللَّهِ وَلَآ أَعْلَمُ ٱلْغَيْبَ وَلَآ أَقُولُ لَكُمْ إِنِّى مَلَكٌ إِنْ أَتَّبِعُ إِلَّا مَا يُوحَىٰٓ إِلَىَّ قُلْ هَلْ يَسْتَوِى ٱلْأَعْمَىٰ وَٱلْبَصِيرُ أَفَلَا تَتَفَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر کين) چؤ ته (آءٌ) اوھان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (آءٌ) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي اوھان کي چوان ٿو ته آءٌ مَلَڪ آھيان، ۽ جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کان سواءِ (ٻئي جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، چؤ ته انڌو ۽ سڄو ھڪ جھڙا آھن ڇا؟ پوءِ اوھين ڇونه فڪر ڪندا آھيو.