caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الحديد، آيت ٢٠

مدني · نزول جي ترتيب ٩٤ · 57:20

ٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّمَا ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا لَعِبٌ وَلَهْوٌ وَزِينَةٌ وَتَفَاخُرٌۢ بَيْنَكُمْ وَتَكَاثُرٌ فِى ٱلْأَمْوَٰلِ وَٱلْأَوْلَٰدِ كَمَثَلِ غَيْثٍ أَعْجَبَ ٱلْكُفَّارَ نَبَاتُهُۥ ثُمَّ يَهِيجُ فَتَرَىٰهُ مُصْفَرًّا ثُمَّ يَكُونُ حُطَٰمًا وَفِى ٱلْـَٔاخِرَةِ عَذَابٌ شَدِيدٌ وَمَغْفِرَةٌ مِّنَ ٱللَّهِ وَرِضْوَٰنٌ وَمَا ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَآ إِلَّا مَتَٰعُ ٱلْغُرُورِ

Taj Mehmood Amrotiڄاڻو ته دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ بي فائدِي ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ (ھڪ ٻئي کان) گھڻائي طلبڻ آھي، (انھيءَ جو مثال) انھيءَ مينھن وانگر (آھي) جنھن جو سلو (ڄمائڻ) ڪڙمين کي عجب ۾ وجھي وري سُڪي وڃي پوءِ اُن کي پيلو ٿيل ڏسين وري ڀُري وڃي، ۽ آخرت ۾ (الله جي دشمنن لاءِ) سخت عذاب آھي ۽ (الله جي دوستن لاءِ) الله کان بخشش ۽ رضامندي آھي، ۽ دنيا جي حياتي رڳو ٺڳيءَ جو سامان آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70