caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الفتح، آيت ٢٩

مدني · نزول جي ترتيب ١١١ · 48:29

مُّحَمَّدٌ رَّسُولُ ٱللَّهِ وَٱلَّذِينَ مَعَهُۥٓ أَشِدَّآءُ عَلَى ٱلْكُفَّارِ رُحَمَآءُ بَيْنَهُمْ تَرَىٰهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا يَبْتَغُونَ فَضْلًا مِّنَ ٱللَّهِ وَرِضْوَٰنًا سِيمَاهُمْ فِى وُجُوهِهِم مِّنْ أَثَرِ ٱلسُّجُودِ ذَٰلِكَ مَثَلُهُمْ فِى ٱلتَّوْرَىٰةِ وَمَثَلُهُمْ فِى ٱلْإِنجِيلِ كَزَرْعٍ أَخْرَجَ شَطْـَٔهُۥ فَـَٔازَرَهُۥ فَٱسْتَغْلَظَ فَٱسْتَوَىٰ عَلَىٰ سُوقِهِۦ يُعْجِبُ ٱلزُّرَّاعَ لِيَغِيظَ بِهِمُ ٱلْكُفَّارَ وَعَدَ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ مِنْهُم مَّغْفِرَةً وَأَجْرًا عَظِيمًۢا

Taj Mehmood Amrotiمُحمّد الله جو موڪليل آھي، ۽ جيڪي سندس سنگتي آھن سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن کين رڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ ڏسندو آھين الله جو فضل ۽ رضامندي طلبيندا آھن، انھن جي نشاني سندن منھن ۾ سجدي جي اثر کان (پڌري) آھي، اھا سندن وصف توريت ۾ آھي، ۽ سندس وصف اِنجيل ۾ آھي، (اھي) اُنھيءَ پوک وانگر آھن جنھن پنھنجو سَلو ڪڍيو پوءِ اُن کي مضبوط ڪيائين پوءِ ٿلھو ٿيو پوءِ پنھنجي سلي تي سڌي بيٺي جو ڪڙمين کي پئي وڻي (اسلامي غلبي جو به آخر اھڙو حال آھي) تانجو مؤمنن جي (ڏسڻ) ڪري ڪافرن کي ڪاوڙائي، جن ايمان آندو ۽ منجھائن چڱا ڪم ڪيا (تن کي) بخشش ۽ وڏي اجر جو الله انجام ڏنو آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70