لَّا يَسْتَوِى ٱلْقَٰعِدُونَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ غَيْرُ أُو۟لِى ٱلضَّرَرِ وَٱلْمُجَٰهِدُونَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ بِأَمْوَٰلِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ فَضَّلَ ٱللَّهُ ٱلْمُجَٰهِدِينَ بِأَمْوَٰلِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ عَلَى ٱلْقَٰعِدِينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ ٱللَّهُ ٱلْحُسْنَىٰ وَفَضَّلَ ٱللَّهُ ٱلْمُجَٰهِدِينَ عَلَى ٱلْقَٰعِدِينَ أَجْرًا عَظِيمًا
Taj Mehmood Amrotiمؤمنن مان ڪنھن عذر ڌاران (جھاد کان گھر ۾) ويھي رھندڙ ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجي مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙ (اِھي ٻئي) برابر نه آھن، پنھنجن مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙن کي الله (گھر ۾) ويھي رھندڙن کان مرتبي ۾ ڀلو ڪيو آھي، ۽ الله ھر ھڪ کي چڱائيءَ جو وعدو ڏنو آھي، ۽ الله جھاد ڪندڙن کي ويھي رھندڙن کان وڏي اجر جي ڪري ڀلو ڪيو آھي.