caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة آل عمران، آيت ٨١

مدني · نزول جي ترتيب ٨٩ · 3:81

وَإِذْ أَخَذَ ٱللَّهُ مِيثَٰقَ ٱلنَّبِيِّـۧنَ لَمَآ ءَاتَيْتُكُم مِّن كِتَٰبٍ وَحِكْمَةٍ ثُمَّ جَآءَكُمْ رَسُولٌ مُّصَدِّقٌ لِّمَا مَعَكُمْ لَتُؤْمِنُنَّ بِهِۦ وَلَتَنصُرُنَّهُۥ قَالَ ءَأَقْرَرْتُمْ وَأَخَذْتُمْ عَلَىٰ ذَٰلِكُمْ إِصْرِى قَالُوٓا۟ أَقْرَرْنَا قَالَ فَٱشْهَدُوا۟ وَأَنَا۠ مَعَكُم مِّنَ ٱلشَّٰهِدِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ (ياد ڪر) جڏھن الله (سڀني) پيغمبرن کان انجام ورتو ته جيڪي ڪتاب ۽ حڪمت اوھان کي ڏيان تنھن کانپوءِ ھڪ پيغمبر جيڪو (علم) اوھان وٽ آھي تنھنجو سچو ڪندڙ اوھان وٽ اچي ته کيس ضرور مڃجو ۽ کيس ضرور مدد ڏجو، (الله) چيو ته اوھين اقرار ڪري چڪؤ ۽ اُن تي مُنھنجي (حُڪم جي) بار کي کنيوَ، چيائون ته اقرار ڪيوسون، (الله) چيو ته اوھين شاھد ھجو، ۽ آءٌ (به) اوھان سان گڏ شاھد آھيان.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70