caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة البقرة، آيت ١٨٧

مدني · نزول جي ترتيب ٨٧ · 2:187

أُحِلَّ لَكُمْ لَيْلَةَ ٱلصِّيَامِ ٱلرَّفَثُ إِلَىٰ نِسَآئِكُمْ هُنَّ لِبَاسٌ لَّكُمْ وَأَنتُمْ لِبَاسٌ لَّهُنَّ عَلِمَ ٱللَّهُ أَنَّكُمْ كُنتُمْ تَخْتَانُونَ أَنفُسَكُمْ فَتَابَ عَلَيْكُمْ وَعَفَا عَنكُمْ فَٱلْـَٰٔنَ بَٰشِرُوهُنَّ وَٱبْتَغُوا۟ مَا كَتَبَ ٱللَّهُ لَكُمْ وَكُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ حَتَّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكُمُ ٱلْخَيْطُ ٱلْأَبْيَضُ مِنَ ٱلْخَيْطِ ٱلْأَسْوَدِ مِنَ ٱلْفَجْرِ ثُمَّ أَتِمُّوا۟ ٱلصِّيَامَ إِلَى ٱلَّيْلِ وَلَا تُبَٰشِرُوهُنَّ وَأَنتُمْ عَٰكِفُونَ فِى ٱلْمَسَٰجِدِ تِلْكَ حُدُودُ ٱللَّهِ فَلَا تَقْرَبُوهَا كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ ٱللَّهُ ءَايَٰتِهِۦ لِلنَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amrotiروزي جي رات ۾ اوھان لاءِ پنھنجين زالن سان صُحبت ڪرڻ حلال ڪئي ويئي، (جو) اُھي اوھان جو ڍڪ آھن ۽ اوھين اُنھن جو ڍڪ آھيو. الله ڄاتو ته اوھين پاڻ سان خيانت ڪندا ھيؤ پوءِ اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو ۽ اوھان کي معاف ڪيائين، پوءِ ھاڻي ساڻن صُحبت ڪريو ۽ الله اوھان لاءِ جيڪي (اولاد) لکيو آھي تنھن جي طلب ڪريو ۽ (ايستائين) کائو ۽ پيئو جيستائين ڪاري ڌاڳي کان باکه جو اڇو ڌاڳو اوھان لاءِ پڌرو ٿئي، پوءِ روزو رات توڻي پورو ڪريو، ۽ جنھن حالت ۾ اوھين مسجدين ۾ اعتڪاف وارا ھجو ته اُنھن (زالن) سان صُحبت نه ڪريو. اِھي الله جون حدون آھن پوءِ اُنھن کي ويجھا نه وڃو، اھڙيءَ طرح الله ماڻھن لاءِ پنھنجا حُڪم پڌرا ڪندو آھي ته مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70