أَيَّامًا مَّعْدُودَٰتٍ فَمَن كَانَ مِنكُم مَّرِيضًا أَوْ عَلَىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِّنْ أَيَّامٍ أُخَرَ وَعَلَى ٱلَّذِينَ يُطِيقُونَهُۥ فِدْيَةٌ طَعَامُ مِسْكِينٍ فَمَن تَطَوَّعَ خَيْرًا فَهُوَ خَيْرٌ لَّهُۥ وَأَن تَصُومُوا۟ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti(روزا) ڳڻيل ڏينھن آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار (ھجي) يا مسافريءَ تي ھجي (تنھن تي) ٻـين ڏينھن مان ڳڻي رکڻ (لازم) آھي، ۽ جن کي (مسڪين جي کاڌي ڏيڻ جي) سگھ آھي تن تي ھڪ مسڪين جو کاڌو فديه (يعني فطرانو ڏيڻ) لازم آھي، پوءِ جيڪو چڱائي وڌيڪ ڪندو تنھن لاءِ اُھا ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن عِلم وارا آھيو (ته اوھين سمجھي چڪا ھوندؤ) اوھان جو روزو رکڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي.