caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة البقرة، آيت ١٦٤

مدني · نزول جي ترتيب ٨٧ · 2:164

إِنَّ فِى خَلْقِ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَٱخْتِلَٰفِ ٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ وَٱلْفُلْكِ ٱلَّتِى تَجْرِى فِى ٱلْبَحْرِ بِمَا يَنفَعُ ٱلنَّاسَ وَمَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مِن مَّآءٍ فَأَحْيَا بِهِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا وَبَثَّ فِيهَا مِن كُلِّ دَآبَّةٍ وَتَصْرِيفِ ٱلرِّيَٰحِ وَٱلسَّحَابِ ٱلْمُسَخَّرِ بَيْنَ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ لَـَٔايَٰتٍ لِّقَوْمٍ يَعْقِلُونَ

Taj Mehmood Amrotiآسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ (۾)، ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾)، ۽ ٻيڙيون جي اُنھيءَ (سامان) سان جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن تن (۾)، ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي وسامڻ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن (۾)، ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين تنھن (۾)، ۽ ھوائن جي گھلڻ (۾)، ۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايلن ڪڪرن ۾، سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70