وَقَالَتِ ٱلْيَهُودُ لَيْسَتِ ٱلنَّصَٰرَىٰ عَلَىٰ شَىْءٍ وَقَالَتِ ٱلنَّصَٰرَىٰ لَيْسَتِ ٱلْيَهُودُ عَلَىٰ شَىْءٍ وَهُمْ يَتْلُونَ ٱلْكِتَٰبَ كَذَٰلِكَ قَالَ ٱلَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ مِثْلَ قَوْلِهِمْ فَٱللَّهُ يَحْكُمُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ فِيمَا كَانُوا۟ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ يھودي چون ٿا ته نصارىٰ ڪنھن دين تي نه آھن، ۽ نصارىٰ چون ٿا ته يھودي ڪنھن دين تي نه آھن ۽ (حقيقت ڪري) اُھي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) پڙھندا آھن، اھڙي طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي (به) سندن چوڻ جھڙو چوندا آھن. پر الله قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو نبيرو ڪندو.