وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّن مَّنَعَ مَسَٰجِدَ ٱللَّهِ أَن يُذْكَرَ فِيهَا ٱسْمُهُۥ وَسَعَىٰ فِى خَرَابِهَآ أُو۟لَٰٓئِكَ مَا كَانَ لَهُمْ أَن يَدْخُلُوهَآ إِلَّا خَآئِفِينَ لَهُمْ فِى ٱلدُّنْيَا خِزْىٌ وَلَهُمْ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ عَذَابٌ عَظِيمٌ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪير اُن کان وڌيڪ ظالم آھي جنھن الله جي مسجدين کي منجھس سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان جھليو ۽ انھن (مسجدين) جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪيائين؟ اھڙن کي انھن (مسجدين) ۾ ڊڄندڙ ٿي گھڙڻ ڌاران (ٻئي طرح گھڙڻ) نه جڳائيندو آھي، انھن لاءِ دُنيا ۾ خواري آھي ۽ انھن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آھي.