caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة يوسف، آيت ٦٥

مڪي · نزول جي ترتيب ٥٣ · 12:65

وَلَمَّا فَتَحُوا۟ مَتَٰعَهُمْ وَجَدُوا۟ بِضَٰعَتَهُمْ رُدَّتْ إِلَيْهِمْ قَالُوا۟ يَٰٓأَبَانَا مَا نَبْغِى هَٰذِهِۦ بِضَٰعَتُنَا رُدَّتْ إِلَيْنَا وَنَمِيرُ أَهْلَنَا وَنَحْفَظُ أَخَانَا وَنَزْدَادُ كَيْلَ بَعِيرٍ ذَٰلِكَ كَيْلٌ يَسِيرٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن مھل پنھنجو سامان کوليائون (ته اُن وقت) پنھنجي موڙي پاڻ وٽ موٽايل ڏٺائون، چيائون ته اي اسان جا ابا (ٻيو) اسان کي ڇا گھرجي، (جو) ھي اسان جي موڙي اسان ڏانھن وري موٽايل آھي (ته موٽي وڃون)، ۽ پنھنجن گھر وارن لاءِ اَن آڻيون ۽ پنھنجي ڀاءُ جي نگھباني ڪنداسون ۽ ھڪ اُٺ جو بار وڌيڪ به وٺنداسون، اِھو (جيڪي اَن آندو اٿئون سو) ماڻ ٿورو آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70