وَجَعَلُوا۟ لِلَّهِ مِمَّا ذَرَأَ مِنَ ٱلْحَرْثِ وَٱلْأَنْعَٰمِ نَصِيبًا فَقَالُوا۟ هَٰذَا لِلَّهِ بِزَعْمِهِمْ وَهَٰذَا لِشُرَكَآئِنَا فَمَا كَانَ لِشُرَكَآئِهِمْ فَلَا يَصِلُ إِلَى ٱللَّهِ وَمَا كَانَ لِلَّهِ فَهُوَ يَصِلُ إِلَىٰ شُرَكَآئِهِمْ سَآءَ مَا يَحْكُمُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي پوک ۽ ڍورن مان الله پيدا ڪيو آھي تنھن مان ھڪ حصّو (ڪافر) الله جو مقرّر ڪندا آُھن ۽ پنھنجي گمان سان چوندا آھن ته ھيءُ الله جو آھي ۽ ھي اسان جي بتن جو آھي، وري جيڪا (شيء) سندن بتن جي ھوندي آھي سا الله وٽ پھچي نه سگھندي آھي، ۽ جيڪا (شيء) الله جي ھوندي آھي سا سندن بتن ڏانھن وڃي سگھندي آھي، جيڪي فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.