وَٱتْلُ عَلَيْهِمْ نَبَأَ ٱبْنَىْ ءَادَمَ بِٱلْحَقِّ إِذْ قَرَّبَا قُرْبَانًا فَتُقُبِّلَ مِنْ أَحَدِهِمَا وَلَمْ يُتَقَبَّلْ مِنَ ٱلْـَٔاخَرِ قَالَ لَأَقْتُلَنَّكَ قَالَ إِنَّمَا يَتَقَبَّلُ ٱللَّهُ مِنَ ٱلْمُتَّقِينَ
Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) آدم جي ٻن پُٽن (ھابيل ۽ قابيل) جي خبر کين سچي طرح پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن ٻنھي (ھڪ ھڪ) قرباني نذر ڪئي تڏھن تڏھن ٻنھي مان ھڪڙي جي قبول ڪئي وئي ۽ ٻئي جي قبول نه ڪئي وئي، (قابيل) چيو ته ضرور ماريندوسانءِ، ۽ (ھابيل) چيو ته الله رڳو پرھيزگارن جي (قرباني) قبول ڪندو آھي.