فَإِنْ حَآجُّوكَ فَقُلْ أَسْلَمْتُ وَجْهِىَ لِلَّهِ وَمَنِ ٱتَّبَعَنِ وَقُل لِّلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْأُمِّيِّـۧنَ ءَأَسْلَمْتُمْ فَإِنْ أَسْلَمُوا۟ فَقَدِ ٱهْتَدَوا۟ وَّإِن تَوَلَّوْا۟ فَإِنَّمَا عَلَيْكَ ٱلْبَلَٰغُ وَٱللَّهُ بَصِيرٌۢ بِٱلْعِبَادِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪڏھن توسان جھيڙين ته چؤ پنھنجو مُنھن (يعني سر) مُون ۽ جنھن منھنجي تابعداري ڪئي تنھن الله لاءِ نِوايو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙھيلن کي چؤ ته اسلام آندو اَٿوَ؟ (يا نه) پوءِ جيڪڏھن اسلام آڻين ته بيشڪ سِڌيءَ واٽ وارا ٿيا، ۽ جيڪڏھن ڦري وڃن ته توتي رڳو پيغام پُھچائڻ آھي، ۽الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.