caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة النور، آيت ٣٣

مدني · نزول جي ترتيب ١٠٢ · 24:33

وَلْيَسْتَعْفِفِ ٱلَّذِينَ لَا يَجِدُونَ نِكَاحًا حَتَّىٰ يُغْنِيَهُمُ ٱللَّهُ مِن فَضْلِهِۦ وَٱلَّذِينَ يَبْتَغُونَ ٱلْكِتَٰبَ مِمَّا مَلَكَتْ أَيْمَٰنُكُمْ فَكَاتِبُوهُمْ إِنْ عَلِمْتُمْ فِيهِمْ خَيْرًا وَءَاتُوهُم مِّن مَّالِ ٱللَّهِ ٱلَّذِىٓ ءَاتَىٰكُمْ وَلَا تُكْرِهُوا۟ فَتَيَٰتِكُمْ عَلَى ٱلْبِغَآءِ إِنْ أَرَدْنَ تَحَصُّنًا لِّتَبْتَغُوا۟ عَرَضَ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَمَن يُكْرِههُّنَّ فَإِنَّ ٱللَّهَ مِنۢ بَعْدِ إِكْرَٰهِهِنَّ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي پرڻجي نٿا سگھن تن کي ايسين پاڪدامن رھڻ گھرجي جيسين کين الله پنھنجي فضل سان آسودو ڪري، ۽ اوھان جي ٻانھن مان جيڪي (آزاديءَ لاءِ عوض ڏيڻ جو) لکيل انجام گھرن تن ۾ جيڪڏھن ڪا چڱائي ڄاڻو ته کين لکيل انجام ڏيو، ۽ جيڪو مال الله اوھان کي ڏنو آھي تنھن مان کين ڏيو، ۽ اوھان جون ٻانھيون جيڪڏھن پاڪدامن رھڻ جو ارادو ڪن ٿيون ته انھن کي اوھين دُنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ زنا تي زور نه ڪريو، ۽ جيڪو کين زنا تي زور ڪندو ته زور ڪرڻ کانپوءِ انھن (ٻانھين) کي الله بخشڻھار مھربان آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70