caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة البقرة، آيت ٨٥

مدني · نزول جي ترتيب ٨٧ · 2:85

ثُمَّ أَنتُمْ هَٰٓؤُلَآءِ تَقْتُلُونَ أَنفُسَكُمْ وَتُخْرِجُونَ فَرِيقًا مِّنكُم مِّن دِيَٰرِهِمْ تَظَٰهَرُونَ عَلَيْهِم بِٱلْإِثْمِ وَٱلْعُدْوَٰنِ وَإِن يَأْتُوكُمْ أُسَٰرَىٰ تُفَٰدُوهُمْ وَهُوَ مُحَرَّمٌ عَلَيْكُمْ إِخْرَاجُهُمْ أَفَتُؤْمِنُونَ بِبَعْضِ ٱلْكِتَٰبِ وَتَكْفُرُونَ بِبَعْضٍ فَمَا جَزَآءُ مَن يَفْعَلُ ذَٰلِكَ مِنكُمْ إِلَّا خِزْىٌ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَيَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ يُرَدُّونَ إِلَىٰٓ أَشَدِّ ٱلْعَذَابِ وَمَا ٱللَّهُ بِغَٰفِلٍ عَمَّا تَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amroti(تنھن کان) پوءِ اوھين اھڙا ٿيا آھيو جو پنھنجي قوم کي ڪُھو ٿا ۽ پنھنجي قوم مان ھڪ ٽوليءَ تي ايذاء ۽ ڏاڍ ڪرڻ لاءِ (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي مدد ڏئي کين سندن ديس مان لڏايو ٿا، ۽ جيڪڏھن (ڪي) باندي ٿي اوھان وٽ ايندا آھن ته چَٽي ڀري کين ڇڏائيندا آھيو ھن ھوندي جو اُھو سندن لوڌڻ اوھان تي حرام ٿيل آھي، پوءِ ڇاکون ڪي (حڪم) ڪتاب (توريت) جا مڃيندا آھيو ۽ ڪي نه مڃيندا آھيو؟ پوءِ اوھان مان جيڪو اھڙو ڪم ڪري تنھن جي سزا دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ کانسواءِ ڪانه آھي، ۽ قيامت جي ڏينھن سخت عذاب ڏانھن ورايا ويندا، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70