فَلَمَّا سَمِعَتْ بِمَكْرِهِنَّ أَرْسَلَتْ إِلَيْهِنَّ وَأَعْتَدَتْ لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءَاتَتْ كُلَّ وَٰحِدَةٍ مِّنْهُنَّ سِكِّينًا وَقَالَتِ ٱخْرُجْ عَلَيْهِنَّ فَلَمَّا رَأَيْنَهُۥٓ أَكْبَرْنَهُۥ وَقَطَّعْنَ أَيْدِيَهُنَّ وَقُلْنَ حَٰشَ لِلَّهِ مَا هَٰذَا بَشَرًا إِنْ هَٰذَآ إِلَّا مَلَكٌ كَرِيمٌ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن مھل (زليخا) سندن گلا ڪرڻ ٻڌي (ته) انھن ڏانھن (ماڻھو) موڪليائين ۽ انھن لاءِ مجلس تيار ڪيائين ۽ منجھائن ھر ھڪ کي ڪپ ڏنائين ۽ چيائين ته (اي يُوسفؑ) مٿن نِڪر، جنھن دم کيس ڏٺائون ته کيس وڌيڪ (سھڻو) ڄاتائون ۽ پنھنجا ھٿ وڍيائون، ۽ چيائون ته الله پاڪ وڏو آھي ھيءُ (نينگر) ماڻھو نه آھي، پر ھڪ سڳورو ملائڪ آھي.