وَأَذَٰنٌ مِّنَ ٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦٓ إِلَى ٱلنَّاسِ يَوْمَ ٱلْحَجِّ ٱلْأَكْبَرِ أَنَّ ٱللَّهَ بَرِىٓءٌ مِّنَ ٱلْمُشْرِكِينَ وَرَسُولُهُۥ فَإِن تُبْتُمْ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ وَإِن تَوَلَّيْتُمْ فَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْجِزِى ٱللَّهِ وَبَشِّرِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
Taj Mehmood Amroti۽ وڏي حَج جي ڏينھن الله ۽ سندس پيغمبر جي طرفان ماڻھن ڏانھن پڙھو آھي ته الله ۽ سندس پيغمبر مشرڪن کان بيزار آھي، پوءِ (اي مشرڪؤ) جيڪڏھن (شرڪ کان) توبه ڪندؤ ته اُھا اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين مُنھن ڦيرائيندؤ ته ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو، ۽ (اي پيغمبر) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.