وَدَّ كَثِيرٌ مِّنْ أَهْلِ ٱلْكِتَٰبِ لَوْ يَرُدُّونَكُم مِّنۢ بَعْدِ إِيمَٰنِكُمْ كُفَّارًا حَسَدًا مِّنْ عِندِ أَنفُسِهِم مِّنۢ بَعْدِ مَا تَبَيَّنَ لَهُمُ ٱلْحَقُّ فَٱعْفُوا۟ وَٱصْفَحُوا۟ حَتَّىٰ يَأْتِىَ ٱللَّهُ بِأَمْرِهِۦٓ إِنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
Taj Mehmood Amrotiڪتاب وارن مان گھڻا گھرندا آھن ته جيڪر اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ به اوھان کي ساڙ سببان جو سندين دلين ۾ آھي کين جو حق پڌرو ٿي چڪو آھي ان کانپوءِ به موٽائي ڪافر ڪن، پوءِ ايسين ٽري وڃو ۽ مُڙي وڃو جيسين الله پنھنجو حڪم موڪلي، ڇو ته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.