caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة التوبة، آيت ٢٤

مدني · نزول جي ترتيب ١١٣ · 9:24

قُلْ إِن كَانَ ءَابَآؤُكُمْ وَأَبْنَآؤُكُمْ وَإِخْوَٰنُكُمْ وَأَزْوَٰجُكُمْ وَعَشِيرَتُكُمْ وَأَمْوَٰلٌ ٱقْتَرَفْتُمُوهَا وَتِجَٰرَةٌ تَخْشَوْنَ كَسَادَهَا وَمَسَٰكِنُ تَرْضَوْنَهَآ أَحَبَّ إِلَيْكُم مِّنَ ٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَجِهَادٍ فِى سَبِيلِهِۦ فَتَرَبَّصُوا۟ حَتَّىٰ يَأْتِىَ ٱللَّهُ بِأَمْرِهِۦ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْفَٰسِقِينَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھان جا پيئر ۽ اوھان جو اولاد ۽ اوھان جا ڀائر ۽ اوھان جون زالون ۽ اوھان جا مائٽ ۽ اُھي مال جي اوھان ڪمايا آھن ۽ واپار جنھن جي بند ٿيڻ کان ڊڄو ٿا ۽ جايون جن کي پسند ڪريو ٿا سي اوھان کي الله ۽ سندس پيغمبر ۽ سندس واٽ ۾ جھاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آھن ته (ايسين) ترسو جيسين الله پنھنجو عذاب آڻي، ۽ الله بي دين قوم کي (سڌو) رستو نه ڏيکاريندو آھي.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70