أَلَمْ يَأْنِ لِلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَن تَخْشَعَ قُلُوبُهُمْ لِذِكْرِ ٱللَّهِ وَمَا نَزَلَ مِنَ ٱلْحَقِّ وَلَا يَكُونُوا۟ كَٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ مِن قَبْلُ فَطَالَ عَلَيْهِمُ ٱلْأَمَدُ فَقَسَتْ قُلُوبُهُمْ وَكَثِيرٌ مِّنْهُمْ فَٰسِقُونَ
Taj Mehmood Amrotiاڃا مؤمنن لاءِ اُھو وقت نه آيو آھي ڇا؟ جو الله جي ياد ڪرڻ وقت ۽ وحي الٰھيءَ مان جيڪو نازل ٿيو تنھن (جي ياد) آڻڻ وقت سندن دليون آزي ڪن ۽ انھن وانگر نه ٿين جن کي ھن کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو پوءِ مٿن ڊگھي مدت گذري تنھنڪري سندن دليون سخت ٿي ويون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.